ٽيسٽ سيريز ۾ خساري کي منهن ڏيندڙ قومي ٽيم ۾ تبديليون اڻٽر

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست کان پوءِ ٻين ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ گھڻين تبديل جا امڪان آهن ۽ امڪاني طور تي فاسٽ بالر محمد عباس جي ٽيم ۾ واپسي ٿي رهي آهي.

برسبين ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان بيٽنگ ۽ بالنگ  ناڪامي کي منهن ڏنو ۽ آسٽريليا ميچ ۾ هڪ طرفي مقابلي کان پوءِ اننگز ۽ 5 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سيريز جي ٻين ميچ جمعي ڏينهن ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي جنهن لاءِ ٽيم ۾ ڪيترين ئي تبديلن جو امڪان آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:اسپورٽس اينڪر زينب عباس شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي

پر ٽيم مئنيجمينٽ لاءِ سڀ کان وڏو فڪر جو وقت بالنگ لائين جي ڪارڪردگي آهي جيڪو چڱو نظر نه آيو ۽ آسٽريليا 580 رنسن جو هدف اسڪور بورڊ جي زينت بڻايو جنهن ۾ڊيوڊ وارنر ۽ مارنس لبوشين جي سينچري ۽ جو برنز جي 97 رنسن جي اننگز به شامل هئي.

ٻئي پاسي بالنگ لائين ۾ محمد عباس جي شموليت يقيني آهي پر ان سان گڏوگڏ ٽيم مئنيجمنٽ نوجوان نسيم شاهه جي جاءِ تي ايندڙ ميچ محمد موسيٰ کي کيڏائڻ جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:بابر ڪهڙي پوزيشن تي بيٽنگ ڪري…؟ وزيراعظم ٻڌائي ڇڏيو

پهرين ٽيسٽ ميچ دوران نسيم شاهه کي چيلهه جي تڪليف جي شڪايت هئي جنهن سبب هو ميدان کان ٻاهر هليو ويو هو ۽ انهيءَ کي نظر ۾ ٽيم مئنيجمينٽ کيس احتياط سان استعمال ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ته جيئن نوجوان فاسٽ بالر کي ڪنهن وڏي انجري کان بچائي سگھجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.