ڪُميءَ جي پيٽ ۾ اينٽي بايوٽڪ دريافت…!

بوسٽن (ويب ڊيسڪ) جرمني، سئٽزرلينڊ ۽ آمريڪي سائنسداننن جي تحقيقي ٽيم ”نيماٽوڊز“ (هڪ خاص قسم جي ڪُميءَ) جي پيٽ ۾ هڪ اهڙو مادو دريافت ڪيو آهي جيڪو انتهائي سخت جان ۽ بيڪٽيريا کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جيڪڏهن ان تي ٻڌل اينٽي بايوٽڪ دوا ٺاهي وڃي ته اها سڄي دنيا ۾ ڪروڙين انسانن جون حياتيون بچائڻ جي ڪم اچي سگھي ٿي.

بيڪٽيرياز ۾ اينٽي بايوٽڪس خلاف لاڳيتو وڌندڙ مزاحمت سائنسدانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهي ڏينهن رات انهيءَ ڪوشش ۾ آهن ته جلد کان جلد ڪا اهڙي نئين اينٽي بايوٽڪ دوا ٺاهي وڃي جيڪا انهن سخت جان بيڪٽيرياز جو خاتمو ڪري سگھي. انهيءَ ڪوشش ۾ سائنسدان زمين جي مٽي کان وٺي سمنڊن جي گھرائين تائين ڇنڊ ڇاڻ ڪري چڪا آهن، اها دريافت به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ڪي پي ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ ورتل عورتن جا خطرناڪ انگ اکر…

هن ڀيري ماهرن جيڪا امڪاني اينٽي بايوٽڪ دريافت ڪئي آهي، ان جو نالو ”ڊيروبيڪٽن“ آهي ۽ اها فوٽورهيڊس جراثيمن ۾ تيار ٿيندي آهي جيڪا پاڻ به مختلف قسم جي نيماٽوڊ ڪُمين جي پيٽ ۾ ۾ موجود هوندي آهي.

شروعاتي تجربن ۾ ان اينٽِي بايوٽڪ ڪوئن کي اي ڪولائي ۽ نمونيا جي مختلف قسمن جي انفيڪشن کان نه رڳو محفوظ رکيو پر ان جا ڪي به ناڪاري اثر (سائيڊافيڪٽس) به مشاهدي ۾ نه آيا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:80 سيڪڙو نوجوان ورزش ئي نٿا ڪن…!

پر ان دوا جي اصل آزمائش انسانن ۾ ٿيندي جيڪا امڪاني طور تي ايندڙ سال شروع ڪئي ويندي. ان کان پوءِ ئي  اهو فيصلو ڪري سگھبو ته اها دوا انسانن لاءِ به اوتري ئي فائديمند آهي جيتري شروعاتي آزمائش دوران ڪوئن تي ثابت ٿي.

ان تحقيق جا تفصيل هفتوار تحقيقي رسالي ”نيچر“ جي تازي شماري ۾ ڇپيل آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.