فيسبڪ ”ميسينجر“ لاءِ نئون فيچر آزمائشي مرحلي ۾

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪھ) دنيا جي وڏي ويب سائيٽ فيس بڪ جا انجينيئر هن وقت ميسينجر ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ لاءِ سرگرم آهن.

رپورٽون هيون ته فيس بڪ انتظاميا ”ميسينجر“ تي سوشل شيئرنگ ايپليڪيشن ”انسٽاگرام“ جهڙو فيچر متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪم ۾ مصروف آهن ۽ هاڻ انتظاميابه  ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سوشل ويب سائيٽ جي ماهرن ”انسٽاگرام“ جي ڪلوز فرينڊ جهڙو فيچر ”ميسينجر“ ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ مصروف آهي.

”ڪلوز فرينڊ“ جو فيچر هن وقت انسٽاگرام تي موجود آهي، جنهن تحت واهپيدار پنهنجن ويجهن دوستن جو هڪ گروپ ٺاهي مواد شيئر ڪندا آهن.

ان فيچر تحت هڪ درزن کان گھٽ يا ان کان وڌيڪ دوستن کي ڪو به واهپيدار هڪ ئي وقت مواد موڪلي سگھندو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ٽوئيٽر ۾ وڏي تبديلي اچي وئي..!

هاڻ ان سان ملندڙ جلندڙ فيچر “ميسينجر“ لاءِ به ٺاهيو پيو وڃي، پر انتظاميا ان کي ڪلوز فرينڊ بدران ”فيورائيٽس“ جو نالو ڏنو آهي ۽ ان فيچر تحت واهپيدار پنهنجن ڪيترن ئي دوستن کي مواد موڪلڻ سوڌو پنهنجون اسٽوريز به ڏيکاري سگھندا.

ان فيچر کي  آن ڪرڻ تي واهپيدار جي اسٽوري رڳو ان جا ويجها دوست ئي ڏسي سگھندا جيڪي اسٽوري شيئر ڪندڙ واهپيدار جي لسٽ ۾ شامل هوندا.

جيتوڻيڪ ان سان ملندڙ جلندڙ ۽ اهڙو ئي فيچر فيس بڪ تي موجود آهي، پر ميسنجر تي اهڙو ڪو به فيچر موجود نه هو.

فيس بڪ تي ڪو به واهپيدار پنهنجي پوسٽ کي شيئر ڪرڻ وقت مختلف فيچرز جو استعمال ڪندي شيئر ڪري سگھندو.

فيس بڪ تي واهپيدار ڪنهن به پوسٽ يا مواد کي شيئر ڪرڻ وقت ان کي عام عوام سوڌو خاص دوستن ۽ گھڻن ويجهن دوستن سان به شيئر ڪري سگھندو ۽ ان فيچر سان پوسٽ کي شيئر ڪرڻ وقت پرائيويسي پاليسي جي ٽول کي استعمال ڪري فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو.

فيس بڪ انتظاميا آزمائشي طور تي ميسنجر تي فيورائٽس جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ محدود واهپيدارن کي ان تائين پهچ ڏني وئي آهي.

اڃا اهو واضح ناهي ته ڄاڻايل فيچر ڪڏهن ميسنجر ۾ متعارف ڪرايو ويندو، پر امڪان آهي ته ايندڙ سال جي شروعات ۾ ان کي عام ڪيو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.