ڪي پي ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ ورتل عورتن جا خطرناڪ انگ اکر جاري…!

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي صحت واري وزير ڊاڪٽر هشام انعام الله چيو آهي ته صوبي ۾ هر سال 90 هزار عورتون ڇاتي جي ڪينسر جو شڪار ٿي رهيون آهن، جن مان 40 هزار موت جو شڪار ٿي وڃن ٿيون.

پشاور ۾ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت تقريب کي خطاب ڪندي هشام انعام الله چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ ڪينسر جي شروعاتي 10 قسمن جي فهرست ۾ عورتن جي ڇاتي جو ڪينسر ٽاپ تي آهي، صوبي ۾ هر سال 90 هزار عورتون ڇاتي جي ڪينسر جو شڪار ٿين ٿيون، بدقسمتي سان انهن مان 40 هزار عورتون موت جو شڪار ٿي وڃن ٿيون.

هن چيو ته حڪومت بچاءَ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ قانون سازي به غور هيٺ آهي، تمام جلد صوبي ۾ پهرين جديد ترين ڪينسر اسڪريننگ سينٽر جو افتتاح ڪيو ويندو، جڏهن ته نئين ٺهندڙ انسٽيٽيوٽ آف هيپٽالاجي جي هڪ ماڙ ڇاتي جي ڪينسر جو شڪار عورتن جي علاج لاءِ هوندي، جتي عورتن جو مفت علاج ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ مختلف قسمن جي ڪينسر جو شڪار ماڻهن جي مفت علاج لاءِ صوبائي حڪومت 3 ارب ماليت جو منصوبو متعارف ڪرايو آهي، ان منصوبي ۾ 24 ارب رپين جو خرچ نوريٽس دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني برداشت ڪري رهي آهي.

ڊاڪٽر هشام انعام الله موجب ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شڪار عورتن جي علاج لاءِ دوا ٺاهيندڙ ڪمپني جي ڀائيواري سان اهڙو منصوبو چترال ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ به متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ عورتن لاءِ ڪيمو ٿراپي سينٽر به قائم ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.