شاگردن کي سياست کان پري رکڻ واري سازش

حسيب لطيفي

شاگرد ڪنهن به سماج جو متحرڪ فرد هوندو آهي، جيڪو يڪسان طور عمل ۽ علم سان جڙيل رهندو آهي، جتي استاد نظريو ڏيندڙ هوندو آهي، اتي شاگرد نظريي جو پريڪٽيڪل بڻجي اڳتي وڌندو آهي، تنهن ڪري سماج اندر شاگرد جي حيثيت تمام گهڻي نرالي ٿئي ٿي، خاص ڪري غلاميءَ وارن سماجن ۾ شاگرد جو ڪردار مثالي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته غلام قوم جو وڏو ڪلاس حڪمرانن جو ڪٺ پتلي بڻيل هوندو آهي، وچيون ڪلاس منافعي جي پويان لڳل هوندو آهي، جڏهن ته ننڍو طبقو ماني جي ويلي جي پريشاني ۾ مبتلا هوندو آهي ته تنهنڪري اتي شاگرد ئي اهڙو رول ماڊل هوندو آهي، جيڪو سماج اندر ترقي پسند يا آزادي پسند تحريڪ جو خال ڀري سگهندو آهي، تنهن ڪري حڪمران طبقا هميشه شاگردن کي سياست کان پري رهڻ جون مهمون هلائڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي حوارين کان اهو ڀاشن پيا ڏياريندا آهن ته شاگردن جو سياست ۾ ڇا وڃي، هو ته صرف ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيڻ لاءِ هتي آيا آهن، هو سياست کان پري رهن، اهڙو ئي عمل جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ نظر آيو، هڪ ٿاڻي جو ايس ايڇ او مستقبل کي حراسا ڪري انهن جي حوصلن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيڪو عمل ڏکوئيندڙ آهي، حوارين جي اهڙن ٽولن سماج تي ايترا ته ناڪاره اثر ڇڏيا آهن جو سماج جو گهڻو حصو اهڙي مهم جي اثر هيٺ به  آهي، جيڪو سياست کي ڪتاب ۽ علم جو دشمن ۽ تعليمي ادارن جو دشمن سمجهي ٿو ۽ پنهنجي اولاد اڳيان سياست جهڙي ضروري، شعوري ۽ سماج اڏيندڙ سبجيڪٽ کي غير ضروري، غير شعوري ۽ بگاڙيندڙ قرار ڏئي ان جو دماغ حڪمران طبقي جي سازشي سوچ سان ڀري ڇڏي ٿو، اهو عمل گذريل ڪجهه ورهين کان جاري آهي، اسان جو هر نئون ايندڙ نسل سياست کي جهالت ۽ ڀتاخوري جو سبجيڪٽ سمجهي ڌڪاري ڇڏڻ واري سوچ رکي ٿو، جنهن ڪري هو سياست کان پاڻ کي پري رکڻ چاهي ٿو ۽ هر سياسي سوچ رکندڙ شخص کان پاسيرو ٿيڻ جا جتن ڪندو رهي ٿو.

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن جي به اهڙي صورتحال آهي، جتي شاگردن جڏهن پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاريو ته کين چيڀاٽڻ وارو عمل شروع ٿي ويو، بنيادي مسئلن جي خلاف آواز اٿارڻ ته جمهوري حقن ۾ شامل آهي، پر اسان وٽ تعليمي ادارن کي خوف جي علامت بڻايو ويو آهي، جتي مسئلن خلاف آواز اٿارڻ کي به ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو. آمر ضيا جي دور کان وٺي سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونينن تي پابندي مڙهي شاگردن جي آواز کي دٻايو ويو، پر جيڪڏهن ڪنهن به پليٽ فارم تي ڪو شاگردن جو ٽولو گڏ ٿئي ٿو ۽ اهو پنهنجن مسئلن خلاف آواز اٿاري ٿو ته ان خلاف ڪهري ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ٿي.

سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ته اهي دهشتگرد ڪيئن ٿيا، جو سندن خلاف انتظاميا جي چوڻ تي ڄامشورو پوليس دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري ورتو، اهڙي ڪيس ۾ ڦاٿل شاگردن حيدرآباد پريس ڪلب تي پهچي انتظاميا جي اهڙي عمل خلاف جنهن ۾ کين دهشتگرد ڄاڻايو ويو آهي، احتجاج ڪيو. شاگردن جو چوڻ آهي ته 31 آڪٽوبر تي شاگردن طرفان سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل جي گيٽ تي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف پرامن احتجاج ڪيو ويو، هو مسئلن جو شڪار آهن، تنهن ڪري آواز اٿارڻ سندن جمهوري حق آهي، پر يونيورسٽي انتظاميا سندن مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ مٿن دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن، جنهن سان شاگردن ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي، سندن مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي، کين يونيورسٽي مان پڙهي لکي اعليٰ عهدن تي پهچي قوم ۽ وطن جي خدمت ڪرڻ لاءِ بي داغ رهڻو هو، جڏهن سندن مٿان دهشتگردي جو قلم لڳل هجي ته سندن مستقبل کي نقصان ضرور ٿيندو، کين لڳي ٿو ته هنن کان انتقام ورتو پيو وڃي، ڇو ته ڪجهه عرصي کان وٺي سنڌ يونيورسٽي سميت مختلف تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ هڪ تحريڪ هلندڙ آهي، ان تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ سندن مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ته جيئن شاگرد خوف جو شڪار ٿي ڪنهن به تحريڪ جو حصو نه بڻجن ۽ هو اهڙي ڪيس کي تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ ثقافتي سرگرمين کي نقصان پهچائڻ جي سازش به سمجهن ٿا.

هن وقت ملڪ ۾ حقيقي سياست ڪندڙن کي رستي تان هٽائي ختم ڪيو ويو آهي، تعليمي ادارن مان حقيقي سياستدان نڪري سگهن ٿا، تنهنڪري اسان جي سماج اندر هر شاگرد کي نه صرف سياست پڙهڻ گهرجي پر سياست ڪرڻ به گهرجي، دنيا اندر تعليمي ادارن ۾ تاريخ، اخلاقيات ۽ سياست جا سبجيڪٽ رکيل آهن، جيڪي شاگردن کي ضروري سبجيڪٽ طور پاڙهايا وڃن ٿا، پر اسان وٽ نه تاريخ ٿي پڙهائي وڃي نه ئي اخلاقيات، جنهن ڪري معاشري ۾ تبديلي اچڻ بجاءِ بگاڙ ايندو پيو وڃي، نئين سياست کي جنم ڏيڻ لاءِ فوري طور تي شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪئي وڃي ۽ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي سياسي عمل کي روڪڻ بجاءِ ان کي هٿي وٺرائي وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ سٺا سياستدان پيدا ٿي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.