اسپورٽس اينڪر زينب عباس شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري اسپورٽس اينڪر زينب عباس شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي.

نيب عباس جي نڪاح جي تقريب لاهور ۾ ٿي، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن ۽ مداح زينب عباس جي ڪنوار جي روپ ۾ تعريفون ڪري رهيا آهن.

زينب عباس نڪاح ۾ سونهري رنگ جو عروسي جوڙو پاتو، جنهن ۾ هوءَ سادي ۽ وڻندڙ نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته هن پنهنجي لباس تي نازڪ روايتي جيولري جي چونڊ ڪئي.

اسپورٽس جرنلسٽ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پڻ شادي جون تصويرون جاري ڪيون آهن ۽ مداحن سان پنهنجي جوڙي کان ويندي ميڪ اپ تائين جا سمورا تفصيل به شيئر ڪيا آهن.

زينب عباس نڪاح جي موقعي تي پنهنجي ماءُ جي روايتي جيولري پاتي، جنهن ۾ هوءَ ڏاڍي خوبصورت نظر آئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.