صحت کاتي ڏانهن توجه جي ضرورت…!

صدام ساگر

پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ اثر رسوخ ۽ طاقت کان قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، ڇو جو پارٽي مُسلسل 12 سالن کان سنڌ تي ڌاڪو ڄمائي ويٺي آهي. پيپلز پارٽي جون  جهموريت لاءِ ڏنل قربانيون هڪ پاسي پر هاڻي اُهو جمهوريت جي تسلسل وارو خواب چڪنا چور ٿي چُڪو آهي، جنهن جو اندازو لڳائڻ ايڏو ڏکيو ڪونهي، سنڌ جي موجوده حالتن ڏسي توهان کي به پڪ ٿي ويندي.

ٿر جي حالت زار هجي يا سنڌ ۾ تعليم جا پٺتي پير هجن، ادارن اندر ڪرپشن جون ڪهاڻيون هجن يا اسپتالن جو شفا گهر کان ڪوس گهر بڻجڻ تائين وارو داستان هجي  انفراسٽڪچر جي تباهي جا طويل تر منظر هجن يا ٻيو ڪجهه، هر هنڌ ۽ هر پاسي لاپرواهي، عدم دلچسپي ۽ غير ذميواري وارا رويا نظر ايندا، پر خاص طور تي صوبي اندر صحت کاتي جو ٻيڙو غرق ئي نظر ايندو! هن وقت جيڪڏهن ڪجهه نظر ايندو ته صرف ڇتن ڪُتن جو ئي صحتمند عمل ايندو، جيڪو سنڌ جي مستقبل کي ڏاڙهڻ واري صورت ۾ نظر ايندو.

سنڌ تان هونئن ته سورن جو پاڇو ڪڏهن ٽريو ناهي، پر هينئر جيڪا صورتحال آهي اُها تمام ڳڻتي جوڳي آهي. ڪڏهن ايڊز ڪَر کنيو بيٺي آهي، ڪڏهن ڊينگي، ڪڏهن ڪانگو وائرس ته ڪڏهن ڇتن ڪُتن جي لوڌ لٿي پئي آهي، جنهن پڻ هڪ رڪارڊ قائم ڪيو آهي، جنهن مان مرد، عورتون ۽ ننڍڙا ٻار ٿيا آهن ۽ 22 ڄڻا موت جي گهاٽ چڙهيا آهن! فقط جيڪڏهن ڊينگي جي وبا جي حوالي سان ڳالهائجي ته روزانو جي بنياد جي ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿين ٿا پر مجال آهي جو سنڌ جي وزيرن جي وزير يا بدقسمتي سان وزير صحت عذرا پيچوهو جي ڪُرسي کي لهر ۽ يا ڪا لوڏو اچي، ڇو ته صحت واري شعبي ۾ ڪيئي سالن کان هڪ سگهارو پيچوهو راڄ قائم آهي. عذرا پيچوهو کان پهرين ساڳئي شعبي جو سيڪريٽري سندس مڙس فضل الله پيچوهو هو، جيڪو 2 سال کان وڌيڪ عرصي تائين رهيو، پر اُن وقت به ساڳيو حال جيڪو هينئر آهي، جيڪڏهن بدليو آهي ته ڪجهه بيان بدليا آهن، ٻيو مڙئي خير!

پاڻ وٽ ادارن ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن جي نگهبانن کي جنجهوڙڻ لاءِ روزانو ميڊيا تي پوسٽ مارٽم ڪيا وڃن ٿا، پر مجال آهي جو ڪنهن جي مسئلن تي اک ٻڏي، ايئن لڳندو آهي ڄڻ انتظاميا ڪم ڪرڻ جي موڊ ۾ ئي ناهي. ڳالهه ضلعي انتظاميا جي ڪئي وڃي يا صوبائي يا وفاق جي، سڀ جا سڀ پنهنجي عهدن جو مزو ماڻيندي نظر ايندا ٻئي پاسي عوام جو ڌنڌلو چهرو مهانگائي، بک ۽ غُربت جي چڪي ۾ پيسجندي پنهنجا ڏينهن پورا ڪندي نظر ايندو.

ڀلي، ٿر ۾ صحت جون سهولتون نه ملڻ تان ٻار مري وڃن، رتي ديري ۽ لاڙڪاڻي ۾ ماڻهو ايڊز ۾ مُبتلا ٿي وڃن، سنڌ ڊينگي ۽ ڪانگو وائرس جي حوالي ٿي وڃي، ڪراچي جي اسپتال ۾ معصوم نشوا جي جان هلي وڃي، گُلن جهڙا معصوم ٻارڙا ڪُتن جي چڪ پائڻ سان موت جي ننڊ سمهن، 5 ورهين جي ٻارڙي جي لاش کڻڻ لاءِ سرڪاري ايمبولينس رشوت گهري ، پئسا نه هجن ته ايمبولينس نه ملي، مجال آهي جو متحرمه وزير صحت عذرا صاحبه ڪٿي ڏسڻ ۾ اچي، نوٽيس وٺي يا کڻي لب ڪشائي ئي ڪري ۽ جيڪڏهن الله الله ڪري ڪجهه چئي به ڇڏي ته محترمه متاثر مريض کان وڌيڪ ڪاٽيندڙ ڪُتي لاءِ گهڻو فڪرمند ٿي ويندي آهي، بس مرڻ ڏيو غريب کي!اسان کي رڳو “جمهوريت خطري ۾ آهي” جو راڳ آلاپڻو آهي، جمهور وڃي ڀلي جهنم ۾!

اِها آهي جمهوريت جي بقا جي جنگ، ڪجهه ڏينهن اڳ جي هڪ رپورٽ آهي، جنهن ۾ ٿيل انڪشاف مان لڳندو ته پيپلز پارٽي کان وڌيڪ ته عوام جمهوريت جي جنگ وڙهي آهي. رپورٽ ۾انڪشاف ڪيو  ويو ته صرف سنڌ صوبي ۾ 9 مهينن اندر 63 هزار کان مٿي شهري مليريا جو شڪار ٿيا، هلندڙ سال جي شروعاتي 10 مهينن دوران ٽي بي جي 46 هزار کان مٿي مريضن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو، ساڳئي ريت ايڊز جا 9 مهينن ۾ 2 هزار کان مٿي ۽ ڊينگي جا جنوري کان هلندڙ مهيني تائين 13 هزار 458 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، اهڙي ريت پوليو جا به 10 ڪيس ظاهر ٿي چُڪا آهن، جڏهن ته ڪالهوڪي هڪ خبر موجب ڪراچي ۾ ڊينگي وگهي 2  مريض فوت ٿيا آهن ۽ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 187 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اِهي انگ پڙهي يقينن توهان پڻ حيران ۽ پريشان ٿيندا هوندا پر ڪا ڳالهه ڪانهي.

ڳالهه رڳو مٿي ڄاڻايل بيمارين تائين محدود ناهي، هلندڙ سال جي 6 کان 10 مهينن واري عرصي دوران ايڊز، ٽي بي، مليريا، ڊينگي سميت پوليو جا پُڻ هڪ لک 35 هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن. جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران هر سال 6 ارب روپين جي بجيٽ صرف دوائن جي خريداري لاءِ مختص ڪئي وڃي ٿي، سوال اِهو آهي ته آخر ڪهڙا سبب آهن جو ايڏي وڏي بجيٽ باوجود به ماڻهن کي مُدي جي بخار جو علاج نه ٿو ملي؟ ماڻهن کي پنهنجن پيارن جي لاش کڻائڻ لاءِ ايمبولينسون نه ٿيون ملن؟ آخر ڇو سنڌ جو نياڻيون چنڱچي رڪشائن ۾ ٻارن کي جنم ڏين ٿيون؟

آرٽيڪل 149 تي واويلا مچائيندڙ سنڌ سرڪار ڇا واقعي ايتري نااهل ٿي چُڪي آهي جو متاثر مريض کي ايمبولينس فراهم ڪري سگهي؟ اِهي سمورا سوال جواب طلب ضرور آهن پر ممڪن آهي انڌي ۽ گونگي سرڪار لاءِ ڪا معنيٰ نه رکندا هجن.

اربين روپين جي بجيٽ باوجود سنڌ اندر بيمارين جو بريڪ تي پير نه لڳڻ ۽ مٿان وري صحت کاتي جي مُجرماڻي خاموشي سرڪار جي نااهلي جو چٽو ۽ واضح ثبوت آهن. وزير صحت محترمه عذرا صاحبه جون صحت کاتي لاءِ خدمتون کير لهڻيون پر عذرا صاحبه اخلاقي طور ڪُرسي تي وڌيڪ ويهڻ جو جواز وڃائي ويٺي آهي، اُن ڪري کيس گذارش آهي ته خدارا هن وزارت کي ساهه کڻڻ ڏيو، توهان کي ڪوبه فرمائشي وزارت ملي سگهي ٿي، براءِ ڪرم سنڌ ۾ زوال پذير ٿيندڙ کاتي ۾ ڪم ٿيڻ ڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.