حق گهرڻ غداري ناهي

رزاق عاصي

اسان جي ملڪ ۾ سدائين غير يقيني واري صورتحال رهندي آئي آهي، ڪڏهن جمهوريت تي ”ميري هم وطنو“  جو جملو چئي راتاهو هنيو ويو آهي ته ڪڏهن رياست کي آئين ڏيندڙن کي به غدار چئي ڦاهي تي چاڙهيو وڃي ٿو، موجوده حالتون به ڪجهه اهڙيون ئي آهن. هڪ پاسي سياست تي اڻ اعلانيل پابنديون مڙهيل آهن ته ٻئي پاسي وري ميڊيا کي به آمراڻي دور کان وڌيڪ سوڙهو ڪيو ويو آهي، سياست جي نرسري کي اهڙي نموني ختم ڪيو ويو آهي، جهڙي ريت مڇي جو ٻيڄارو تلاءَ ۾ زهر وجهي ختم ڪيو ويندو آهي. عالمي توڙي ڏيهي سياست، مظلومن جي آواز کان ويندي عالمي منڊي ۾ ٽماٽن، بصرن جي اگهه تائين بدلجندڙ وايو منڊل ان ڳالهه جو اعلان آهي ته خطي  اندر طبقاتي ۽ قومي سوال ڪَرُ کڻي اُٿيو آهي، پاڪستان اندر هر روز نوان سياسي لاڙا هڪ طرف گڊ گورنس جي بحالي ۽ جنجال پڻي مان ڇٽڪاري جي صدا بلند ڪن ٿا، ته ٻئي طرف ملڪ جو ڏيوال پڻو، انتهاپسند پاليسيون ۽ ڊانوانڊول معاشي اسٽريڪچر عام ماڻهو کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته نيٺ ڇا ڪجي؟

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت شاگرد يونين تان پابندي هٽائڻ جو اعلان ڇا ڪيو، يونيورسٽي کي ڇانوڻين ۾ تبديل ڪندڙ آپي مان نڪري ويا آهن، تازو ميڊيائي رپورٽ موجب سنڌ يونيورسٽي جي 17 شاگردن مٿان بغاوت جو ڪيس فقط ۽ فقط انڪري داخل ڪيو ويو آهي ته انهن پنهنجي بنيادي حقن توڙي هاسٽل ۾ پاڻي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نه هجڻ جي خلاف 31 آڪٽوبر تي احتجاج ڪيو هو، وري ڪجهه شاگردن سنڌي ميڊيا جي اعلانيل ثقافتي ڏهاڙي کي موٽ ڏيندي ثقافتي سرگرميون شروع ڪيون ته شايد اها ڳالهه به يرغمالين لاءِ هضم ٿيڻ جهڙي نه هئي.

دنيا جي هر رياست ۽ ملڪ جي پهرين ترجيح شاگرد ئي هوندا آهن، هن جديد دور ۾ ته سڌريل رياستون ڪنهن به ذهين شاگرد کي اسڪالر شپ ڏئي پاڻ وٽ انڪري ئي گهرائن ٿيون ته مستقبل جو اهو معمار سندن زندگي جي ڪنهن به شعبي لاءِ لاڀائتو ثابت ٿئي پر اسان جي اها بدقسمتي چئجي يا اسان جي رياست جي ته هتي لساني، قومي توڙي سياسي بنيادن تي ذهين شاگردن توڙي فردن جي ڪا به اهميت ناهي رهي، خاص طور تي وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگرد ته ڄڻ اکين جو ڪنڊو ئي رهيو آهي، سنڌي شاگرد پنهنجي صوبي جي يونيورسٽين ۾ به ڄڻ وطن ۾ بيوطني جي احساس جو شڪار رهندو پيو اچي پر اسان جي حڪومتن توڙي حڪومتن تي اثرانداز رهندڙ طاقتن مستقبل جي معمارن ڏانهن ڌيان ڏيڻ ته پري جي ڳالهه انهن کي بهتر تعليمي ماحول ڏيڻ تي به ناهي سوچيو.

هاڻ جيڪڏهن اسين ڳالهه ڪيون ٿا اختلاف راءِ جي ته اسان وٽ ڄڻ سوال اٿارڻ ئي وڏي ۾ وڏو ڏوهه بڻجي ويو آهي، جيڪڏهن ڪو  به شخص حڪمرانن يا ملڪ جي ادارن سان سوال ڪري ٿو يا پنهنجي آئيني حقن جي گهر ڪري ٿو ته بجاءِ ان کي مطمئن ڪرڻ جي سنئون سڌو غداري جو لقب ڏئي يا ته جيل ۾ واڙيو ويندو آهي يا جبري طور گم ڪيو وڃي ٿو، هاڻ ته هڪ اهڙو ماحول جوڙيو ويو آهي ته خاموش رهندئو ته سلامت رهندئو! ڇو سياست به اها ڪرڻي آهي جيڪا مالڪن کي وڻي، اوهان کي اختلاف به اهڙا رکڻا آهن، جنهن ۾ مالڪ ۽ مالڪن جا اداره مقدس ڳئون رهن ۽ اوهان کي بقول مولانا فضل رحمان جي ته: ”نڪي دا ابا“ جو نالو کڻڻ کانسواءِ هر ماڻهو تي تنقيد ڪرڻ جو حق آهي پر ڪٿي ” انهن“ جو ذڪر ٿيڻ نه گهرجي، جيڪي چون ٿا ته جيڪڏهن هو سياست ۾ مداخلت نه ڪندا ته ملڪي سلامتي کي خطرو رهندو، اهڙين حالتن ۾ نظريا، اختلاف، تنقيد يا حقن لاءِ جدوجهد ڪيئن ڪري ٿي سگهجي.

حيدرآباد ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي شاگرد يونين جي بحالي لاءِ ريلي ڪڍي ته ٻئي ڏينهن ڪميٽي جي سرگرم اڳواڻ حمز چانڊيي کي دوست سميت کنڀيو ويو،  شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قتل ڪيس جي اکين ڏٺي شاهد مسعود شاهه کي کنڀيو ويو ته آزادي لاءِ نڪتل سندس ڀاءُ آفتاب شاهه سميت چار ڀائرن کي نه رڳو کنڀيو ويو پر جڏهن انهن کي ٿاڻي تي ظاهر ڪيو ويو ته مٿن غداري جو ڪيس هڻي جيل اماڻيو ويو (مسعود شاهه جا غفار شاهه، جنيد شاهه سميت 3 ڀائر ضمانت تي آهن) سبب اهو هو ته انهن هڪ ظلم خلاف آواز اٿاري اختلاف رکيو، جنهن جي اسان جي رياست ۾ شايد اجازت ئي ناهي.

اچون ٿا تازو گلشن حديد کان ڪراچي پريس ڪلب تائين  جسقم جي پيغام سنڌ مارچ ڏانهن، جيڪو پر امن طريقي سان ڪراچي پريس ڪلب پهتو پر پنهنجي شهرن جي مالڪي، قومي بقا ۽ وطن جي وارثي جا نعرا به هضم نه ٿيا، جنهن تي جسقم جي مرڪزي قيادت سميت 2500 ماڻهن مٿان اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو، خير سياسي پارٽين تي اهڙا ڪيس ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ڇو جو ملڪ ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جيئن سائين جي ايم سيد، خان عبدالغفار خان، عطاالله مينگل، ولي خان، شيخ مجيب الرحمان، محمود سرهندي، مير بالاچ خان مري سميت کوڙ سارا سياسي، نظرياتي ۽ قومي اڳواڻ  اهڙن ڪيسن ۾ نظربند يا جيلن ۾ رهيا آهن. موجوده حالتن ۽ اڀريل تضاد تي ضابطو ايترو سولو ناهي جيترو مالڪ سمجهي رهيا آهن، ڇو ته هاڻ ميڊيا کي ته ڪنهن حد تائين خاموش ڪرائي سگهجي ٿو پر سوشل ميڊيا جي جديد ٽول کي استعمال ڪندي ماڻهو پنهنجا اختلاف دنيا کي ٻڌائي سگهن ٿا، جنهن تي عالمي سماج سوال اٿاري ٿو ته ساک وري انهن جي خراب ٿئي ٿي، جيڪي حق گهرندڙن کي غدار چئي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.