لنڊن (ويب ڊيسڪ) انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل گوگل ۽ فيس بُڪ جهڙين وڏين انٽرنيٽ ڪمپنين جي ڪاروباري ماڊل کي انساني حقن لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو.
ايمنسٽي جو الزام آهي ته اهي ڪمپنيون بي لغام نگراني ۽ ڊيٽا چوري ڪري شهرين جي ذاتي ڄاڻ گڏ ڪري انهن جي حقن جي پامالي ۾ ملوث آهن.
تنظيم يورپي يونين ۽ جرمن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي نوان قانون واضح ڪن ته جيئن ايندڙ نسلن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.
ايمنسٽي موجب لڳ ڀڳ 3 ارب ماڻهو هر مهيني فيس بُڪ، جڏهن ته 90 سيڪڙو کان وڌيڪ انٽرنيٽ واهپيدار گوگل سرچ انجڻ استعمال ڪندا آهن.