تحريڪ انصاف پنجاب جي جنرل سيڪريٽري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پنجاب جي جنرل سيڪريٽري شعيب صديقي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ پنجاب جي جنرل سيڪريٽري شعيب صديقي ذاتي مصروفيتن سبب پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي.

شعيب صديقي جي جاءِ تي علي امتياز وڙائچ کي تحريڪ انصاف پنجاب جو نئون جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي ايم پي اي شعيب صديقي کي هلندڙ سال 20 جولاءِ تي پي ٽي آءِ پنجاب جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.