فردوس عاشق اعواڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست اُڪلائي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جي خلاف توهين عدالت جي درخواست حڪمن سان اُڪلائي ڇڏي، درخواست ايڪسل لوڊ جي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي تي داخل ڪئي وئي.

تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاسق اعواڻ جي خلاف ايڪسل لوڊ جي عدالتي حڪم تي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي هاءِ ڪورٽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪئي.

وڪيل ٻڌايو ته عدالت ايڪسل لوڊ تي عملدرآمد معطل ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي جي خلاف منع نامو جاري ڪيو هو، جنهن تي جسٽس ميان گل حسن جو چوڻ هو ته ايڪسل لوڊ جي معاملي تي قانون تي عمل ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ عدالت حڪمن سان درخواستون اُڪلائي ڇڏيون.

فردوس عاشق اعواڻ جي خلاف توهين عدالت هڪ ٻي درخوسات داخل ڪئي وئي هئي، درخواست ايڪسل لوڊ جي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي تي داخل ڪئي وئي آهي،  جنهن ۾ وقف اختيار ڪيو يوو هو ته عدالت ايڪسل لوڊ تي عملدرآمد معطل ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي جي خلاف منع نامو جاري ڪيو، فردوس عاسق اعواڻ ٽويٽ ۾ چيو ته وزير اعظم اين نائن موٽر وي تي ايڪسل لوڊ تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو، هن جو ٽويٽ عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.