آمريڪي رسالي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ تان پردو کڻي ڇڏيو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رسالي والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن تي ڇرڪائيندڙ رپورٽ جاري  ڪري ڇڏي.

آمريڪي رسالي جي رپورٽ موجب والاريل وادي ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ پيلٽ گنز سان متاثرن ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته ميڊيڪل ميڊيڪل سپلاءِ جي گهٽتائي، اهم روڊن تي رنڊڪن سبب ماڻهن جو اسپتالن تائين پهچڻ ڏکيو آهي.

رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انتظاميا ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب اهو پتو لڳائڻ ڏکيو آهي ته ڪيترا ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي ۾ ٻار سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، جتي 1989 کان هيل تائين 894 ٻارن کي شهيد ڪيو ويو، جڏهن ته پيلٽ گنز جي فائرنگ ۾ اسڪول ويندڙ ڪيترائي ٻار زخمي ٿيا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2016 ۾ 32 ڏينهن ۾ 13 لک ڇُرن جو استعمال ڪيو ويو، ڇرن سان 90 ڪشميري شهيد ۽ 15 هزار زخمي ٿيا، جڏهن ته 5 سئو ڄڻن جون هڪ يا ٻئي اکيون ضايع ٿيون، ان کانسواءِ 2016 کان 2018 جي وچ ۾ پيلٽ گنز سان 1253 ماڻهو نور کان محروم ٿي ويا.

هوڏانهن ڪشمير جي بگڙيل صورتحال تي سوشل ميڊيا تي ڳالهائڻ به ڏوهه ٿي ويو آهي، ڀارتي پوليس ڪشمير بابت پوسٽ ڪرڻ تي علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي جي عورت پروفيسر ۽ ڪشمير ۾ رهندڙ سندس مڙس خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.