نسيم شاهه سڀ کان ننڍي عمر ۾ آسٽريلوي سرزمين تي ڊيبيو ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو

 

برسبين (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه سڀ کان ننڍي عمر ۾ آسٽريلوي سرزمين تي ڊيبيو ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو.

برسبين جي گابا اسٽيڊيم ۾ قومي ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس نوجوان فاسٽ بالر کي ٽيسٽ ڪيپ پارائي.

نوجوان نسيم شاهه پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ 16 سالن ۽ 279 ڏينهن جي عمر ۾ کيڏي رهيو آهي.

ان کان اڳ ننڍي عمر ۾ آسٽريلوي سرزمين تي ڊيبيو ڪرڻ جو اعزاز آسٽريليا جي ئي آئين ڪريگ وٽ هو، جنهن 17 سالن ۽ 239 ڏينهن جي عمر ۾ ڊيبيو ڪيو هو.

نسيم شاهه آسٽريلوي سرزمين تي ننڍي عمر ۾ ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ رانديگر پڻ بڻجي ويو آهي.

پاڪستان طرفان نسيم شاهه کان اڳ عاقب جاويد 17 سالن ۽ 160 ڏينهن جي عمر ۾ آسٽريليا ۾ ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.