ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف مقرر

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ڪري ڇڏيو.

وزير اعظم هائوس مان جاري ٿيل پڌرائي موجب ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف 27 نومبر تي پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو.

پڌرائي ۾ واضح ڪيو ويو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه جي ٻيهر مقرري جو نوٽيفڪيشن 19 آگسٽ تي جاري ڪيو ويو هو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:آرمي چيف جي ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات

واضح رهي ته ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا سيپٽمبر 1985ع ۾ 10 سنڌ رجمنٽ جو حصو بڻيو هو، هو ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم يافته آهي ۽ هن 1994ع ۾ جرمني مان انفينٽري ڪمانڊ ڪورس به مڪمل ڪيو هو.

ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا هڪ انفنٽري بريگيڊ ڪمانڊ ڪري چڪو آهي، آپريشن ڊائريڪٽريٽ ۾ جي ايس او ون فرض انجام ڏئي چڪو آهي ۽ هڪ اسٽرائيڪ ڪور جو چيف آف اسٽاف به رهي چڪو آهي.

هن ڏکڻ وزيرستان ۾ انفنٽري ڊويزن جي ڪمان به سنڀالي هئي ۽ هو ڪمانڊ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي، ڪاڪول به فرض انجام ڏئي چڪو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا سيپٽمبر 2016ع ۾ ڪور ڪمانڊر راولپنڊي جي اهم پوزيشن تي مقرر هو ۽ آگسٽ 2018ع کان جي ايڇ ڪيو ۾ چيف آف جنرل اسٽاف مقرر آهي.

هن جي وارثن ۾ هڪ زال ۽ 4 ٻار شامل آهن جنهن ۾ 3 پٽ ۽ هڪ ڌي آهي.

خيال رهي ته فوج جي ڍانچي ۾ چيئرمين جوائنٽ چيف اسٽاف جو عهدو ٽيڪنيڪي لحاظ سان آرمي چيف جو وڏو آهي جنهن جو اختيار آرمي، بحريا ۽ ايئر فورس ٽنهي فوجن تي آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:آرمي چيف جي وزير اعظم سان ملاقات…!

ان کان سواءِ عهدي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي ان تي ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا کان سواءِ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ستار به اميدوار هو جيڪو هن وقت ايس پي ڊي جو سربراهه مقرر آهي جيڪو اين سي اي سيڪريٽريٽ جي طور تي ڪم ڪندو آهي.

ان کان سواءِ ڪراچي جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز به ان عهدي جو اميدوار هو جنهن جو تعلق آرٽلري سان آهي جڏهن ته هو انٽيليجنس جو پس منظر به رکي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.