عمرڪوٽ: ڀيل برادري پاران بااثرن جي گهر تي قبضي خلاف احتجاج

وامي آواز رپورٽ
عمرڪوٽ: ڀيل برادري پاران بااثرن جي گهر تي قبضي خلاف احتجاج
وامي آواز رپورٽ عمرڪوٽ: ڀيل برادري پاران بااثرن جي گهر تي قبضي خلاف احتجاج

 

 

عمرڪوٽ ۾ ڀيل برادري پاران بااثرن جي گهر تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

موهن ڀڳت، وڪيل لالا ڀيل، پريم، ڀورو ڀيل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته صبح جو سنجر مهر، گلو منڱريو، عرس، عبدالرحمان مهر ۽ ٻين سندن گهر ڊاهي اڏاوت جي ڪوشش ڪئي وئي.

هنن چيو ته بااثرن کي روڪڻ تان مٿن حملو ڪري فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ گيان ڀيل، ڀاڳچند ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.

اڳواڻن چيو ته سنجر مهر قبضا مافيا آهي جيڪو ڏوهاري قسم جي ماڻهن کي ويهاري سندن پلاٽن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.

ڀيل برادري مطالبو ڪيون ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.