وزيراعظم پرڏيهي فنڊنگ جي مني ٽريل ڇو نٿو ظاهر ڪري…؟

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال وزيراعظم عمران خان کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي ڀارت، وچ اوڀر ۽ آمريڪا مان ڪنهن ڪنهن فنڊ ڏنا، سامهون آڻي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته وزيراعظم تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊنگ جي مني ٽريل ڇو ظاهر نه پيو ڪري، هاڻ وقت اچي ويو آهي، قوم رسيدون گهري رهي آهي، ظاهر نه ڪيل اڪائونٽن مان ڪروڙين، اربين رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي.

هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر پاڪستانين کي فنڊ ڏيڻ لاءِ دوکو ڏنو ويو ۽ رياست جي معاملن جي ڪوڙي تصوير پيش ڪئي وئي، ان خيرات کي ڪٿي به ظاهر ناهي ڪيو ويو، عمران خان پاڪستان جي سياست ۾ سڀ کان وڏو ڌاڙو هنيو آهي، اهي ٻين پارٽين تي ڪرپشن جو الزام هڻندا آهن ۽ پاڻ کي ”مسٽر ڪلين“ ظاهر ڪندا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: هاءِ ڪورٽ جي 3 نون ججن جي نالن جي منظوري…!

احسن اقبال اي سي پي تي اثرانداز ٿيڻ بابت حڪومتي ترجمان فردوس عاشق اعواڻ جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ دير جا حربا استعمال ڪري رهي آهي ته جيئن اي سي پي ۾ ڪيس دير جو شڪار رهي، اسان رڳو معاملي کي حل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، ن ليگ اي سي پي کي معاملو جلد کان جلد حل ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اي سي پي کي حڪمت عملي تحت ڪم ڪرڻ کان روڪي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان هاڻ سمجهي چڪا آهيون ته تحريڪ انصاف ٻن نون اي سي پي ميمبرن جي مقرري ۾ رنڊڪون ڇو وڌيون، اهي چيف اليڪشن ڪمشنر جي رٽائرمينٽ جو انتظار ڪري رهيا آهن ته جيئن اهو نقطو اٿاري سگهن ته ٽن ميمبرن جي غير موجودگي ۾ اي سي پي پنهنجو ڪم نٿي ڪري سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.