برسبين ٽيسٽ: پاڪستاني بيٽنگ لائن فلاپ، اسد شفيق َلڄ رکي ڇڏي

 

برسبين (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ پاڪستاني ٽيم 240 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

برسبين ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ اوپنرن جي سٺي شروعات باوجود پاڪستاني بيٽنگ لائن پاڻ نه سنڀالي سگهي.

ڪپتان اظهر علي ۽ شان مسعود محتاط انداز ۾ بيٽنگ ڪئي ۽ ٽيم کي 75 رنسن جي سٺي شروعات فراهم ڪئي، جنهن کانپوءِ 27 رنسون ٺاهيندڙ شان مسعود کي پيٽ ڪمنز پويلين موٽائي ڇڏيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: بابر اعظم جي بيٽنگ ڏسڻ لاءِ پرجوش آهيان: رڪي پونٽنگ

شان مسعود جي آئوٽ ٿيندي ئي پاڪستاني بيٽسمينن جي پويلين موٽڻ جي لائن لڳي وئي ۽ 75 جي مجموعي اسڪور تي ئي اظهر علي به 39 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

افتخار احمد 7 ۽ حارث سهيل رڳو هڪ رنس جو مهمان ثابت ٿيو، جڏهن ته ان فارم بيٽسين بابر اعظم به مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ رڳو هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

94 رنسن جي مجموعي اسڪور تي اڌ ٽيم آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ محمد رضوان ذميواراڻي راند جو مظاهرو ڪيو پر اهو به 37 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ پويلين موٽي ويو.

ان موقعي تي اسد شفيق جو ساٿ نڀائڻ لاءِ ياسر شاهه ڪريز تي آيو ۽ ٻنهي 84 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، ياسر شاهه 26 رنسون ٺاهي وڪيٽ وڃائي ويٺو، جنهن کانپوءِ وري وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.

شاهين آفريدي کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيا، ان کانپوءِ اسڪور ۾ ڪنهن به واڌاري کانسواءِ 76 رنسن جي شاندار اننگز کيڏندڙ اسد شفيق به همت هارائي ويٺو.

پاڪستان جو آخري آئوٽ ٿيندڙ رانديگر نوجوان نسيم شاهه هو، جنهن 7 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عمران خان 5 رنسن سان ناٽ آئوٽ موٽيو.

پاڪستاني ٽيم 86.2 اوورن ۾ 240 رنسن تي ڍير ٿي وئي، آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 4، پيٽ ڪمنز 3، هيزل ووڊ 2، جڏهن ته نيٿن ليون هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.