وڏن وڏن عهدن ۽ مراعتن جي آڇ ٿي…! فضل الرحمان جي دعويٰ

 

بنون (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت مخالف پلان ”سي“ جو اعلان ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته کيس سينيٽ چيئرمين ۽ گورنر جي عهدي سميت بلوچستان حڪومت جي آڇ به ٿي چڪي آهي.

بنون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جا ڪارڪن تازا توانا آهن، هاڻ هر ضلعي ۾ احتجاج شروع ٿيندو ۽ تحريڪ ملڪ جي بازارن تائين ويندي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: اعتزاز احسن جا تازي انٽرويو ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

هن چيو ته مون کي سينيٽ چيئرمين ۽ گورنر جي عهدي سميت ٻين پرڪشش مراعتن جي آڇ ٿي پر منهنجي لاءِ اهي سڀ شيون اهميت نه ٿيون رکن، اسان جيڪو موقف اختيار ڪيو، اهو ڪنهن عهدي لاءِ ناهي، اهو رڳو هڪ جماعت جو نه پر سڄي قوم جو مظاهرو هو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شاهراهن جي بندش جو فيصلو رهبر ڪميٽي ڪيو، ڪارڪنن جو ٿورائتو آهيان، جن هڪ هفتي تائين روڊ بند رکيا.

تحريڪ انصاف حڪومت تي تنقيد ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هڪ سال ۾ ملڪي معيشت تباهه ٿي وئي، جيڪڏهن ٽماٽو 3 سئو رپيا ڪلو ملي ٿو ته چون ٿا 17 رپيا سير آهي، انهن کي ڪهڙي خبر ته غريب ڪهڙي عذاب ۾ آهي.

جي يو آءِ (ف) سربراهه موجب ٻين کي چور چوندڙ پاڻ احتساب کان ڀڄي رهيا آهن، 5 ڊسمبر تي چيف اليڪشن ڪمشنر رٽائرڊ ٿي رهيو آهي، اميد ته هو عهدي تان رٽائرمينٽ کان اڳ پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڏيندو.

هن مطالبو ڪيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر رٽائرمينٽ کان اڳ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڏئي يا کيس ايڪسٽينشن ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.