مرزاپور ڀرسان اسڪول ٺھڻ بعد کلي نه سگھيو، احتجاج

مرزاپور (رپورٽ:تاج جوڻيجو ) مرزاپور لڳ اسڪول ٺھڻ بعد کلي نه سگھيو،  ايس اين اي نه ھئڻ سبب اسڪول ۾13ورهين کان تدريسي عمل شروع نه ٿيو . عمارت زبون،  اسڪولي عمارت ھجڻ باوجود عملو مقرر نه ٿيڻ ڪري 10ڳوٺن جا سوين ٻارڙا تعليم کان محروم،  سندن مستقبل تباھ ٿيڻ لڳو،  ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو،  ان ڏس ۾ مرزاپور جي ڪچي ۾ ڳوٺ مور جي وانڍ ۾ پرويز مشرف جي سرڪار پاران ڪروڙين رپين جي لاڳت سان پرائمري اسڪول جي ٻن ڪلاسن،  ويڪري بائونڊري ۽ ٻن واش رومن تي مشتمل شاندار عمارت ٺھرائي وئي پر سرڪار جي نااھلي،  غيرذميواري ۽ بي ڌياني سبب اسڪول ۾ گذريل 13ورهين کان تدريسي عمل شروع نه ٿيڻ ڪري ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺھيل عمارت وسم نه ھجڻ ۽ وقت گذرڻ سان گڏ مڪمل زبون حالي  جو شڪار ٿي ڪري ھنڌان ھنڌان ڏار ھڻي زبون حاليء جو شڪار ٿي وئي آهي ـ ان موقعي تي ڳوٺاڻن معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري صحافين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي اختيار جوڻيجو، تاج جوڻيجو،  وڪيل،  محمد موسي’، حاجن،  ڦوٽو خان ۽ ٻين چيو ته اسڪول ٺھڻ کي 13ورھيه وھامي ويا آخر عمارت زبون ٿي ڪري رھي آهي پر ان ۾ پڙھائي شروع نه ٿي سگهي آهي ان ڪري سوين ٻارڙا تعليم کان محروم آهن ان ڪري سندن مستقبل تباھ ٿي رھيو آهي، ھنن وزيراعلي’سنڌ ۽ لاڳاپيل ادارن کي توڙي ڊي اي او شڪارپور کي اپيل ڪندي چيو ته معصوم ٻارن تي رحم کائي اسڪول کولي ان ۾ استاد مقرر ڪري تدريسي عمل شروع ڪيو وڃي ـ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.