ڪوٽڏيجي ۾ نينگر سان بدفعلي ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڏينهن اڳ چئن جوابدارن اٺين ڪلاس جي شاگرد 15 ورهين جي (ر ا) ميرجت کي بدفعلي جو نشانو  بڻايو هو، متاثر نينگر جي ڀاءُ جي فرياد ۽ ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل جي ھدايت تي چئن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ نامزد مور مير جت پٽ بلو ميرجت، شھمير ميرجت پٽ غلام عباس ميرجت ۽ ٻن اڻ سڃاتلن آهن. ٻئي طرف پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي. وڏانھن جوابدار ڌر وارن ڌمڪين بعد راڄوڻي ٺاھ لاءِ متاثر ٿيل نينگر جي وارثن ڏي قران پاڪ ميڙ پڻ کڻي آيا ۽ راڄوڻي ٺاھ لاءِ دٻاءُ جو سلسلو وڌائي ڇڏيو آھي، جڏھن ته پوليس ڪوبه نامزد جوابدار گرفتار ڪري نه سگھي آھي ۽ ٻه عيوضي گرفتار ڪيا ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.