سعودي عرب ۾ ڇوڪرن کي تنگ ڪندڙ پاڪستاني ڇوڪريون گرفتار

 

جده (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ڇوڪرن کي تنگ ڪندڙ ٻن پاڪستاني ڇوڪرين کي گرفتار ڪيو ويو.

سعودي اخبار عڪاظ موجب جده پوليس سنيپ چيٽ ويڊيو ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان پاڪستاني ڇوڪري کي گرفتار ڪيو، جنهن تي پنهنجي گاڏي ۾ ويٺي پنڌ گهمندڙ نوجوانن کي تنگ ڪرڻ ۽ ايندڙ ويندڙن کي نامناسب جملا چوڻ جو الزام آهي.

سنيپ چيٽ تي شيئر ٿيل هڪ ويڊيو ۾ گرفتار پاڪستاني ڇوڪري طرفان ڇوڪرن اهڙا جملا چوندي ڏسي سگهجي ٿو.

ڇوڪريءَ جي ان حرڪت تي واهپيدارن جده پوليس کان ان جي ڳولا ڪرڻ ۽ سزا ڏيڻ جو مطالبو به ڪيو هو.

پوليس اختيارين طرفان گرفتاري جو گرين سگنل ملڻ کانپوءِ ڇوڪريءَ کي مدائن جي علائقي مان ان وقت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هوءَ پنهنجي دوست سان گڏ بيوٽي پارلر مان نڪري رهي هئي، جڏهن ته ٻئي ڇوڪريون ان بيوٽي پارلر ۾ ڪم ڪندڙ آهن.

گرفتاري کانپوءِ ٻنهي ڇوڪرين سنيپ چيٽ تي هڪ ويڊيو جاري ڪندي واهپيدارن ۽ سعودي عوام کان معافي گهري آهي.

سعودي عرب جي قانون تحت اهڙا عمل جي سزا 5 سال قيد ۽ هڪ لک ريال ڏنڊ آهي پر واضح ناهي ته پوليس معافي کانپوءِ ڇوڪرين کي آزاد ڪندي يا مٿن ڪيس هلايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.