اسرائيل جو شام تي حملو، 14 ڄڻا مارجي ويا

 

دمشق (ويب ڊيسڪ) شام تي اسرائيلي حملي ۾ 14 ڄڻا مارجي ويا آهن.

اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته پاڙيسري ملڪ شام ۾ ايران جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو.

سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائٽس موجب انهن حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 ڄڻا مارجي ويا، اطلاع آهن ته مارجي ويلن مان گهڻن جو واسطو ايران سان آهي.

هوڏانهن شام جي سرڪاري ميڊيا موجب حڪومت جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترن ئي حملن کي ناڪام بڻايو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.