ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دال گوشت ۽ چانو ر تيار ڪرڻ جو طريقو
گھربل شيون:
تيل : کائڻ جا ٽئي کان چار چمچا
بصر ڪاٽيل: ٻه عدد
ٻاڪرو گوشت هڏي کان سواءِ: اڌ ڪلو
ادرڪ ۽ توم جو پيسٽ: چانهه جو هڪ چمچو
ٽماٽا ڪاٽيل: ٻه عدد
لوڻ: ذائقي موجب
گرم مصالحو: چانهه جو اڌ چمچو
ڳاڙها مرچ پيٺل : کائڻ جو هڪ چمچو
ڌاڻا پائوڊر: چانهه جو اڌ چمچو
زيرو پيٺل: کائڻ جو هڪ چمچو
ڏهي: هڪ ڪپ
چڻن جي دال، پُسايل : ڏيڍ ڪپ
ساوا ڌاڻا : سجائڻ لاءِ
ترڪيب:
هڪ وڏي ٿانو ۾ تيل گرم ڪري ان ۾ ڪاٽيل بصر وجهي برائون ڪري وٺو.
بصر برائون ڪرڻ کان بعد ان ۾ گوشت وجهي ان ۾ ادرڪ ۽ ٿوم جو پيسٽ شامل ڪيو ۽ 6 منٽن تائين گڏايو ته جيئن گوشت جو رنگ مٽجي وڃي.
هاڻ ان ۾ ڪاٽيل ٽماٽا، لوڻ، گرم مصالحو، ڳاڙها مرچ پيٺل، هيڊ پيٺل ۽ پيٺل ڌاڻا وجهي سٺي طريقي مڪس ڪيو.
مڪس ڪرڻ کان پوءِ ان ۾ ڏهي وجهي سٺي طرح گڏايو ۽ پوءِ ڍڪ ڏئي 7 منٽن تائين دم تي رکي ڇڏيو.
ان کان پوءِ ان تي تازا ساوا ڌاڻا ڇٽيو.
اوهان جو مزيدار گوشت تيار آهي