افغانستان ۾ هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه، ٻه آمريڪي فوجي فوت

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ ٻن آمريڪي فوجين سوڌو 13 افغاني فوجي فوت ٿي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب افغانستان جي صوبي لوگر ۾ فوجي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻه آمريڪي فوجي فوت ٿي ويا.

ياد رهي ته  افغانستان ۾ هن وقت به 12 هزار آمريڪي فوجي افغان فوج کي ٽريننگ ڏيڻ،  مدد فراهم ڪرڻ ۽ فوجي ڪارروائين ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ موجود آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا:سريلنڪن صدارتي چونڊن ۾ گوٽابايا راجاپاڪسي ڪامياب

افغانستان ۾ آمريڪي اختيارين هيلي ڪاپٽر حادثي کي ٽيڪنيڪي خرابي قرار ڏنو آهي جڏهن ته طالبان هيلي ڪاپٽر کي ڪيرائڻ جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته آمريڪي فوج کي نشانو بڻايو ويو آهي جنهن ۾ ڪيترائي آمريڪي فوجي اهلڪار مارجي ويا آهن، آمريڪي فوجين جي انخلا تائين اهڙي قسم جون ڪارروائيون جاري رهنديون.

هي به پڙهي سگھو ٿا: اهم اڳواڻن جي آزادي بدلي طالبان پرڏيهي پروفيسرن کي ڇڏي ڏنو

هوڏانهن صوبي قندوز ۾ طالبان ويڙهاڪن افغان فوج جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري 13 فوجين اهلڪارن کي ماري ڇڏيو، حملي ۾ 5 افغان فوجي زخمي به ٿيا آهن. طالبان ويڙهاڪن  فوجين جو اسلحو کڻي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جنهن کان پوءِ افغان فوج  ويجهن علائقن ۾ سرچ آپريشن جي شروعاتي ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت طالبان جي قيد مان ٻن پرڏيهي پروفيسرن کي آزادي ملي وئي آهي جڏهن ته بدلي ۾ انس حقاني سوڌو ٽن طالبان اڳواڻن کي آزاد ڪري قطر پهچايو ويو آهي پر امن جي صورتحال اڃا به ڇڪتاڻ واري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.