احسن خان چائلڊ پروٽيڪشن جو خير سگالي سفير مقرر

لاهور  (ويب ڊيسڪ) اداڪار ۽ ميزبان احسن خان کي چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جو خير سگالي سفير مقرر ڪيو ويو آهي.

ٻارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان چائلڊ پروٽيڪشن بيورو لاهور ۾ مقامي اين جي او جي سهڪار سان تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پنجاب جي اطلاعات وزير ميان اسلم اقبال سوڌو اداڪار احسن خان ۽ گلوڪار علي ظفر به شرڪت ڪئي جتي هنن  مهمانن ٻارن ۾ تحفا به ورهايا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:پنهنجي شهرت ۽ ناءُ استعمال ڪري دين جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو: حمزا علي عباسي

تقريب ۾ احسان خان کي چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جو خير سگالي سفير مقرر ڪيو ويو ۽  ان حوالي سان احسن خان خطاب ڪندي چيو ته سدائين ائين لڳندو آهي  ته ٻارن لاءِ ڪو به ڪم ناهي ٿي رهيو، خواهش آهي ته ٻارن لاءِ به ڪو پروگرام منعقد ٿئي ۽ ان ڏس ۾ ٻارن جي رهنمائي لاءِ حڪومت کي ٺوس قدم کڻڻ گھرجن. ڇو جو ٻارن سان بدسلوڪي کي روڪڻ گھڻو ضروري آهي.

هوڏانهن تقريب ۾ موجود علي ظفر به ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان چيو ته هر ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ تي يقين هجڻ ضروري آهي، ٻارن سان بدسلوڪي جي واقعن کي روڪڻ به وقت جي ضرورت آهي، هن ٻارن کي حفاظت جي هدايت ڪندي اهو به چيو ته والدين کان سواءِ ڪو به شخص اوهان ڏي اچي ته گوڙ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.