سنگاپور (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته جانورن جي غذائي جزن ۽ گوشت بدران ڀاڄين ۽ دالين جو استعمال دماغي صحت لاءِ گھڻو فائديمند آهي ۽ عمر گذرڻ سان گڏوگڏ دماغي ۽ عضون جي ڪمزوري کي به روڪيندي آهي.
نيشنل يونيورسٽي آف سنگاپور جي پروفيسر ڪوه وون پوائي ۽ هن جي ساٿين ڊيوڪ ميڊيڪل اسڪول جي سهڪار سان جيڪو مطالعو ڪيو آهي اهو آمريڪن جنرل آف ڪلينيڪل نيوٽريشن ۾ ڇپيل آهي.
هي به پڙهي سگھو ٿا: انقلابي فنگر پرنٽ سسٽم جيڪو منشيات جي سڃاڻپ ڪري ٿو
ماهرن ثابت ڪيو ته ڀاڄين ۽ ٻوٽن مان حاصل ٿيندڙ غذائي جز جيڪڏهن عمر جي وچ واري حصي ۾ استعمال ڪيا وڃن ته اڳتي هلي ڪري الزائيمر ۽ ڊيمنشيا سوڌو ڪيترن ئي مرضن جو سبب بڻجندڙ ڪيفيتن کان بچي سگھجي ٿو.
ان ڏس ۾ سنگاپور جي 63 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کان ڀرپور جائزو ورتو ويو ۽ هنن جي کائڻ پيئڻ، سگريٽ ڇڪڻ ۽ شراب پيئڻ، جسماني ورزش، ننڊ، وزن، مرضن ۽ ٻين ڪيفيتن بابت انٽرويو جهڙا سوال ڪيا ويا، پهريان اپريل 1993ع ۽ آخر ۾ 2016ع ۾ هنن کان مختلف سوال ڪيا ويا.
هي به پڙهي سگھو ٿا:ستن ڪلاڪن کان گھٽ ننڊ ڪندڙ عورت لاءِ بري خبر…!
ٻنهي موقعن تي کائڻ پيئڻ جي معمول، دماغي صحت ۽ ٻين معاملن بابت پڇيو ويو. خبر پئي ته جن ماڻهن ڀاڄيون ۽ ميوا کائڻ کي پنهنجو معمول بڻايو هو انهن ۾ دماغي مرضن جي شرح جو خطرو 33 سيڪڙو گھٽ ڏٺو ويو.
ان لحاظ سان ماهرن جو اصرار آهي ته 40 ورهين کان پوءِ ميون ۽ ڀاڄين جو استعمال معمول بڻايو وڃي ته جسماني ۽ دماغي صحت تي هاڪاري اثر پوندا آهن.
Self-care can be whatever you need it to be to keep your #mentalhealth in check. Take your time today. 💚| 🎨: @stacie_swift #SundayMorning pic.twitter.com/hmpeqe8B4L
— Stamp Out Stigma (@StampStigma) November 17, 2019