توهين مذهب ۽ پورنوگرافي بابت اڪائونٽ معطل ڪيا وڃن پي ٽي اي جي فيس بڪ کي درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) مذهب جي توهين ، پورنوگرافي، بي حيائي، رياست مخالف مواد بابت سمورا فيس بڪ اڪائونٽ معطل ڪرڻ جي درخواست  ڪري ڇڏي.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل قدم جو مقصد سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ واهپيدارن کي دستياب آن لائين هاڃيڪار مواد کان محفوظ رکڻ آهي.

ان ڏس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ٽي اي کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته  اليڪٽرانڪ ڪرائيم جي روڪٿام ايڪٽ 2016ع تحت انٽرنيٽ تي غيرقانوني مواد  کي بلاڪ ڪري يا هٽائي ڇڏي.

واضح رهي ته فيسبڪ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته پاڪستان ۾ مقامي قانونن جي ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ ٻه هزار 203 کان وڌيڪ پوسٽون يا ويڊيوز بلاڪ ڪيا ويا هئا،

هي به پڙهي سگھو ٿا:واٽس ايپ ۾ وڏي تبديلي جي آزمائش شروع

جيڪا ڪنهن به ملڪ ۾ جنوري کان جون 2019ع تائين سڀ کان وڌيڪ مواد تي پابندي تصوير ڪئي وئي.

ان عرصي دوران گڏيل طور تي 15 هزار 337 شين تي پابنديون لڳايون ويون هيون.

پي ٽي اي ان تاثر کي زائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سياسي پوسٽس کي پابندين جو نشانو بڻايو ويو ۽ اهو به چيو ويو ته جعلي خبرن کي فيس بڪ به هڪ چئلينج ۽ حساس مسئلو قرار ڏنو آهي.

ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي موجب فيس بڪ جي رپورٽ جي بنياد تي اهو سمجهڻ غلط آهي ته مقامي قانونن کي مخالف سياسي آواز کي خاموش ڪرڻ يا آن لائين آزادي کي محدود ڪرڻ لاءِ استعمال  ڪيو ويو .

پي ٽي اي وڌيڪ چيو ته هنن تقرير ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي تائيد ڪئي آهي ۽ ان جي ضمانت پاڪستان جو آئين ۽ لاڳاپيل قانونن ڏني آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: پي ٽي اي 9 لک ويب سائيٽس بلاڪ ڪري ڇڏيون

پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو ته پي ٽي اي ۽ فيس بڪ ٻئي جعلي خبرن جي پکيڙ کي گھٽ ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ انهن گمنام اڪائونٽس ۽ صفحا هٽائڻ شامل آهن جيڪي جعلي خبرون خبرون يا پروپيگينڊا ڪندا هئا.

ان کان پوءِ فيس بڪ جي هڪ عهديدار رياستي ادارن جي چوڻ تي سياسي عنصرن ۽ ميڊيا  کي محدود ڪرڻ جي خبرن کي رد ڪيو آهي.

پي ٽي اي چيو ته فيس بڪ بڪ جي پاليسي آهي ته نه رڳو ادارن يا تنظيمن پر ماڻهن خلاف به جعلي خبرن جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.