متحده جو خطرناڪ ترين قاتل گرفتار، فاروق ستار سان رابطي جو انڪشاف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳوڻي فاروق ستار سان رابطي جو انڪشاف ڪيو آهي.

پوليس ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم لنڊن سان واسطو رکندڙ يوسف عرف ٺيلي والا جاچ دوران 96 ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو به اعتراف ڪيو آهي.

ايس ايس پي ايسٽ اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار 1995 ۾ ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پهريون ڀيرو 1996 ۾ رينجرز هٿان گرفتار ٿيو پر هڪ سال کانپوءِ آزاد ٿي ويو، جوابدار هٿان قتل ٿيندڙن ۾ فورسز جا ماڻهو به شامل آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪراچي مان ايم ڪيو ايم جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

يوسف عرف ٺيلي والا جاچ دوران ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳوڻي اڳواڻ فاروق ستار سان رابطي جو انڪشاف ڪندي چيو ته ان سان نائن زيرو ۾ ملاقات ٿي هئي، فاروق ستار سان سيڪٽر انچارج خالد صديقي ۽ نديم ماربل ملاقات ڪرائي، 90 ۾ رهائش جو بندوبست فاروق ستار ڪرائيندو هو.

جوابدار وڌيڪ ٻڌايو ته قيادت جي چوڻ تي قتل جون وارداتون ڪندو هيس، اسان کي اڳواڻن جون هدايتون ملنديون هيون ته وارداتون ڪندا هئاسين، جڏهن ته لاش ريڙهي تي رکي ٺڪاڻي لڳائيندو هيس.

پوليس يوسف ٺيلي وارا کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتان 23 نومبر تائين جوابدار جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن فاروق ستار گرفتار ٽارگيٽ ڪلر سان رابطي جي ترديد ڪندي چيو آهي ته منهنجي خلاف سازش ٿي رهي آهي، جيڪا وائکي ٿي ويندي پر مان سختي سان ان بيان جي ترديد ڪيان ٿو.

سندس چوڻ هو ته مان ڪڏهن به نائن زيرو جو ڪيئر ٽيڪر نه رهيس، اها ذميواري عامر خان، ڪنور نويد ۽ انيس قائمخاني وٽ رهي، جڏهن ته پارٽي جي تنظيمي سيٽ اپ جو به ڪڏهن انچارج نه رهيس، سدائين سياسي سيٽ اپ جي ذميواري نڀائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.