ٻاهران ٽماٽي جي برآمد ۽ سنڌ جي آبادگارن جا خدشا

عتيق ملاح

ٽماٽي جي اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌاري کانپوءِ ٽماٽو کائڻ پورهيت ۽ مزدور طبقي لاءِ خواب بڻجي ويو آهي، ڪالهه تائين حيدرآباد جي مارڪيٽ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان 300 روپين تائين وڪرو ٿيندڙ ٽماٽو اگهه ۾ وڌيڪ اضافي کانپوءِ 350 کان 400 روپيا في ڪلو وڪرو ٿيو آهي، ٽماٽي جي اگهه ۾ هڪدم اضافي جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر مارڪيٽن اندر سدائين کاڌ پيتي جي شين ۾ اضافي جو وڏو سبب اهي واپاري به هوندا آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ شين جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرائي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن، ان ئي ساڳي رجحان تحت تمام گهڻي گهٽ اگهه تي آبادگارن کان ٽماٽو خريد ڪري زخيرا ڪندڙن سان گڏ مارڪيٽ اندر شهرين کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لاءِ بحران پيدا ڪندڙ به آهن.

حڪومت پاران ٽماٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي کانپوءِ ٽماٽي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ايران کان ٽماٽو گهرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، پر ان جو اڃا تائين مارڪيٽ تي ڪو به اثر نه ٿيو آهي، ٽماٽو سستو ٿيڻ بجاءِ اڃا وڌيڪ مهانگو ٿي رهيو آهي، ٻئي طرف سنڌ جي آبادگارن ٻاهران ٽماٽو گهرائڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اندر سنڌ جو ٽماٽو مارڪيٽ ۾ اچي ويندو، جيڪڏهن حڪومت ٻين ملڪن مان ٽماٽو گهرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته سنڌ جي لهندڙ ٽماٽي جي فصل جو اگهه نه ٿيندو ۽ آبادگارن توڙي هارين کي وڏو نقصان ٿيندو.  ايوان زراعت سنڌ حڪومت آڏو واضح ڪيو آهي ته سنڌ ۾ 25 نومبر کان ٽماٽو مارڪيٽ ۾ اچي ويندو، انڪري ٻاهران ٽماٽي جي برآمد فوري طور تي بند ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جي آبادگارن کي ٽماٽي جو مناسب اگهه مارڪيٽ ۾ ملي سگهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:  وڏي وزير کي اسيمبلي ملازمن جي اپيل ،،؟

هڪ طرف ٽماٽي جي اگهه جو مسئلو آهي ته ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪڻڪ جي بحران جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي، آبادگارن سنڌ حڪومت طرفان مقرر ڪيل ڪڻڪ جي 1350 في مڻ امدادي اگهه کي سختيءَ سان رد ڪندي چيو آهي ته هلندڙ سال ڪڻڪ جو امدادي اگهه گهٽ ۾ گهٽ 1600 في مڻ اگهه مقرر ڪري ڪڻڪ جي خريداري هدف به 12 لک ٽن مان وڌائي 25 لک ٽن مقرر ڪري سرڪاري طور تي آبادگارن کان ڪڻڪ خريداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ هاڻ کان ئي جوڳا قدم کنيا وڃن ته جيئن هلندڙ سال جيان پيدا ٿيل ڪڻڪ ۽ اٽي جا اگهه وڌڻ سان پيدا ٿيل سنگين بحران کان بچي سگهجي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار هلندڙ سال سنجيده قدم نه کنيا ته ايندڙ سال سنڌ اندر خوراڪ جي کوٽ وارو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي وس کان ٻاهر ٿي ويندو.

آبادگارن هلندڙ سال نمي جي نالي تي 5 کان 8 ڪلو سارين جي في مڻ تي ڪٽوتي ڪرڻ واري عمل کي آبادگارن جو معاشي استحصال قرار ڏيندي سنڌ حڪومت کان اهو به مطالبو ڪيو آهي ته اهڙي غيرقانوني عمل کي روڪڻ سميت سارين جو امدادي اگهه به گهٽ ۾ گهٽ 1500 في مڻ مقررڪيو وڃي.

آبادگارن چيو آهي ته سنڌ ۾ اربين رپين جي معيشت ڪمند جو فصل تيار بيٺل آهي، پر شگرمل مالڪن جي هڪ هٽي جي ڪري ڪمند جو نئون امدادي اگهه ۽ شگرملون هلائڻ جو نوٽيفڪيشن اڃا تائين جاري نه ٿي سگهيو آهي، آبادگارن سنڌ سرڪار طرفان مقرر ٿيندڙ 192 رپيا في مڻ ڪمند جي نئين امدادي اگهه کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو آهي ته فوري طور تي گهٽ ۾ گهٽ 250 في مڻ اگهه ڏيڻ ۽ شگرملون چالو ڪري ته جيئن وقت تي ڪمند جو فصل نيڪال ٿيڻ سان ڪڻڪ جي به پوک ٿي سگهي.

هڪ طرف مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيندو رهيو آهي ته ٻئي طرف آبادگارن کان سندن زرعي جنسون ٽڪي ڌڙي ورتيون وڃن ٿيون، ان سان گڏ نقلي، ٻچ ۽ ڀاڻ به آبادگارن ۽ هارين کي وڏو نقصان رسائين ٿا، آبادگارن هلندڙ سال ڪپهه جي آبادگارن کي ناقص ۽ جعلي ٻج ملڻ سبب فصل تباهه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان سنڌ جي آبادگارن کي مجموعي طور تي 25 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي، غير رجسٽرڊ ٻج سنڌ ۾ وڪرو ٿيڻ ڪري في ايڪڙ جي پيداوار وڏي مشڪل سان 9 کان 10 مڻ لٿي آهي، غير رجسٽرڊ ٻجن جو سنڌ ۾ وڪرو فوري طور تي بند ڪرائي، آبادگارن کي ٿيل 25 ارب رپين جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪپهه جو فصل گهٽ لهڻ سان هلندڙ سال وفاقي سرڪار کي 5 ارب ڊالرن جي ڪپهه ٻاهران گهرائڻي پوندي، جيڪو قومي خزاني تي وڏو بار پوندو. ايوان زراعت سنڌ جي صدر رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ ڊالر وڌڻ سان زرعي شين جا اگهه چوٽ چڙهڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ڊالر جي قيمت وڌڻ سان 30 سيڪڙو زرعي مشينري ۽ ٻين شين جا اگهه وڌي ويا آهن، ان ڪري حڪومت فوري طور تي آبادگارن کي زرعي ڀاڻ ۽ ڊيزل تي سبسڊي فراهم ڪرڻ سميت زرعي مشينري ۽ ٽريڪٽر سبسڊي تي ڏنا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.