واٽس ايپ ۾ وڏي تبديلي جي آزمائش شروع

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) انٽرنيٽ ميسيجنگ جي مشهور ترين ايپ واٽس ايپ هلندڙ سال واهپيدارن لاءِ جديد فيچرز جي فراهمي کي يقيني بڻائي ڪيترائي نوان فيچرز ايپ ۾ شامل ڪيا آهن.

واٽس ايپ هلندڙ سال واٽس ايپ اسٽيٽس فيسبڪ تي شيئر ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيا به ڪيترائي فيچرز متعارف ڪرايا آهن جن سان واٽس ايپ استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي گھڻي سولائي ٿي وئي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: پي ٽي اي 9 لک ويب سائيٽس بلاڪ ڪري ڇڏيون

ميسينجر، گوگل ڪروم ۽ انسٽاگرام تي ڊارڪ موڊ متعارف ڪرائڻ کان پوءِ هاڻ واٽس ايپ ۾ به جلد ڊارڪ موڊ متعارف ڪرايو ويندو جيڪو هن وقت آزمائشي مرحلي ۾ آهي.

ڊارڪ موڊ ۾ اسڪرين يا ايپ جن جو  بيڪ گرائونڊ گھري ڪاري رنگ جو هوندو جيڪو تازو ئي انسٽاگرام ۾ به متعارف ڪرايو ويو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ٽوئيٽر تي پسنديده موضوع فالو ڪرڻ سولو ٿي ويو

ٽيڪنالوجي ويب سائيٽ وي اي بيٽا انفو موجب واٽس ايپ ڊارڪ موڊ فيچر سڀ کان پهريان آءِ فون واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.

واٽس ايپ طرفان في الحال ان فيچر کي متعارف ڪرائڻ جي تاريز جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.