وڏي وزير کي اسيمبلي ملازمن جي اپيل ،،؟

 جي ايم کوکر

وزير اعلي سيد مراد علي شاهه صاحب اوهان گڊ گورننس جي ڏجي ۽ هفتن جي پروگرام جي بڪنگ ۾ مصروف آهيو ان ڪري توهان کي پنهنجي ٽيبل تي رکيل سمريون به گم ٿي وڃن، جي ها اها سمري جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي ملازمن جو اونيريم الائونس آهي اها رقم اربن۾ ناهي صرف 8 ڪروڙ 96 لکن جي ڳالهه  آهي اها رقم توهان کي ادا ناهي ڪرڻي اها رقم  اسيمبلي جي بجيٽ بڪ  ۾ رکيل آهي اوهان کي صرف ان فنڊ جي منظوري ڏيني آهي جنهن لاءِ سنڌ اسيمبلي جا ملازمن توهان جي راهه ڏسي رهيا آهن

مرش سائين توهان کي ٻڌائيندا هلون ته سنڌ اسيمبلي جي ملازمن کي هر سال ملندڙ  اونريم الائونس هن سال ڇو نٿو ڏنو وڃي ان سلسلي ۾ هڪ ٻئي سمري کي توهان جي ماتحٽ ناڻي کاتي اهو چئي  جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته اسان وٽ پيسا موجدو ناهين جيڪڏهن پيسا موجود نه آهن ته ساڳيو اونريم قانون کاتي جي مالزمن کي ڇو ڏنو ويو،،؟ قانون وارو کاتو اهو الائونس پهريون ڀيرو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، جڏهن ته اهو الائون سال 2019،2020 جي بجيٽ ۾8 ڪروڙ 96 لک 59 هزار روپيا رکيل آهن جنهن جي باقائيدا سان اجازت سنڌ اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي ڏئي چڪي آهي  ليڪن ناڻي کاتي ان ڪميٽي جي حڪم کي ردي جي ٽوڪري ۾وجهندي قانون کي به ٿڏي ڇڏيو آهيناڻي کاتي جي سيڪريٽري حسن نقوي  جيڪو تازو نئب حراست مان آزاد ٿيو جنهن کي اوهان سڌو ناڻي کاتي جو چنڱو مڙس ڪري رکيو آهي ان فنانس ڪميٽي جي منظوري ٿيل  پيرا نمبر 5  بابت نوٽ هڻي لکيو ته پيرا نمبر 5 کي ناڻو کاتو سپورٽ نه ڪندو ، مرشد سائين ان سيڪريٽري کي شايد پاڪستان جي آئين آرٽيڪل 88 ۽127 جي خبر ناهي جنهن ۾ صاف لکيل آهي ته سنڌ اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي جي ڪنهن به حڪم کي ڪو به ادارو رد نٿو ڪري سگهي

هي به پڙهي سگهو ٿا:ويڪسين جي کوٽ  ۽ رولو ڪتن جو آزار

وزير اعلي صاحب عزازيو لاءِ سنڌ اسيمبلي پاران گذريل آگسٽ مهيني ۾ ناڻي کاتي کي سمري اماڻي، ساڳي مهيني ناڻي کاتي سمري نمبر 6381 چيف سيڪريٽي ڏانهن  اماڻي ، جتان سمري نمبر 5053  وزير اعلي هائوس ڏانهن 11 آگسٽ 2019 تي موڪلي وئي، جڏهن سمري کي ٻن مهين کان مٿي وقت گذريو ته اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان پرسون ڪيو ويو خبر پئي ته اها سمري وزير اعلي سيڪريٽريٽ مان گم ٿي وئي آهي، سمري گم ٿيڻ بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اجلاس دوران اعتراف ڪيو،۽وڏي وزير سمري نئي سر تيار ڪري پروسيس ۾ آڻڻ جو حڪم ڪيو، 28 نمبر 2019 تي اسيمبلي طرفان نئي سمري تيار ڪري ناڻي کاتي ڏانهن اماڻي وئي جنهن ۾ فنانس ڪيمٽي جي اپرويل جو نوٽ سميت لاڳاپيل دستاويزات منسلڪ ڪيا، جڏهن سمري ناڻي کاتي جي سيڪريٽري حسن نقوي وٽ پهتي ته ان سمري ۾ لڳل فنانس ڪميٽي جي اپروويل ٿيل پيرا نمبر 5 کي رد ڪندي سمري چيف سيڪريٽري ڏانهن موڪلي وئي آهي.

وزير اعلي صاحب جيڪڏهن توهان جي خزاني ۾ پيسا ناهين ته پوءِ ناڻي کاتي ناني ويڙهو جو مظاهرو ڪندي عورتن جي حراسمنٽ جي روڪٿام لاءِ قائم اداري محتسب اعلي سنڌ کي خاص اعزازيو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو 5 نومبر 2019 تي هڪ نوٽيفڪيشن نمبر 653 موجب  محتسب اعلي سنڌ جي سمورن ملازمن کي 2017 جي حساب سان بيسڪ پي تحت ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ليڪن  قانون ٺاهيندڙ اسيمبلي ملازمن کي ملندڙ اونريم جيڪو انهن کي هر سال ملندڙ آهي ڏيڻ کان جواب چو ڏنو ويو آهي

هي به پڙهي سگهو ٿا: هاڻ جيئڻ جو حق ته نه کسيو.!!

 ائين ته نه ناهي جو توهان جي سستي جي ڪري ۽ ناڻي کاتي جي انڪار کانپوءَ ويچارا سنڌ اسيمبلي جا ملازم هن سال ان الائونس کان محروم بڻجي وڃن ۽ اهي سڄي زندگي توهان کي پٽو ۽ پاراتا ڏيندا رهن هن وقت  هي ملازم پهريون ڀيرو عزازيو نه ملڻ واري امڪان کانپوءِ ڏک جي لهر  ورتل آهن جيڪي انصاف ڀلاءَ توهان طرف ڏسي رهيا آهن ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي جا ملازم ڪٿي پنهنجي حق لاءَ روڊن تي نڪرڻ تي مجبور نه ٿي پون ان ڪري انهن جي سمري تي صحيح ڪري انهن کي پنهنجو حق ڏنو وڃي.


You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.