ويڪسين جي کوٽ  ۽ رولو ڪتن جو آزار

مقبول ملاح

سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪتي جي چڪ جون اينٽي ريبيز ويڪسين جي کوٽ ڪري  10 مهينن دوران 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت ٻارڙن جي آهي، ان ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا شامل آهن، جو ٻارڙن پنهنجي ماءُ جي هنجهه ۾ تڙپي تڙپي دم ڏنو آهي، پر سنڌ حڪومت جي دعويٰ آهي ته سنڌ جي اسپتالن ۾ ويڪسين موجود آهي. اسان جي سامهون هر روز جي بنياد تي ڪيترائي واقعا پيش اچن ٿا، جنهن ۾ ماڻهو اسپتالن ۾ ويڪسين نه هجڻ ڪري پريشان نظر ايندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ مٺيءَ ۾ 15 ورهين جي نينگري ويڪسين نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، نينگري کي جڏهن اسپتال پهچايو ويو ته اسپتال جي انتظاميه کين اهو چئي روڪيو ته وٽن ويڪسين موجود ناهي، پر هو جلد ٻاهران گهرائين ٿا، پر 10 ڪلاڪن تائين ويڪسين نه پهچڻ ڪري نينگري فوت ٿي وئي، اهو ڪو پهريون واقعو ڪون هيو، ڪيترائي اهڙا واقعا سنڌ جي اسپتالن ۾ ٿيندا رهندا آهن.

رپورٽ ٿيو آهي ته سنڌ ۾ 2019 جي 10 مهينن دوران 1 لک 86 هزار ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪيو آهي، جن مان ٻارڙن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، هي اهي ڪيس آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ رجسٽرڊ ٿيا آهن، جيتوڻيڪ ڪيترائي ڪيس اڃان اهي به موجود آهن، جيڪي رجسٽرڊ نه ٿيا آهن، پر  ڏٺو وڃي ته رجسٽرڊ ٿيلن جو انگ ۾ تمام وڏو آهي ۽ يقينن ڪتن جي چڪ سبب زخمي ٿيلن جو وڏو انگ ٻارڙن جو هوندو، جن ۾ اڪثريت انهن ٻارڙن جي آهي، جيڪي صبح جو سوير ۽ منجهند جي ٽائيم اڪيلا اسڪول اچن وڃن ٿا.

ائين به ناهي ته سنڌ حڪومت يا صحت کاتو ان سڄي معاملي کان واقف ناهي، ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبليءَ ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ايوان کي آگاهه ڪيو ته هلندڙ سال سنڌ ۾ 92 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهيو، جنهن تي ڪتا مار مهم جلد شروع ڪرڻ ۽ ڪتن جي چڪ کان بچاءُ واري ويڪسين مهيا ڪرڻ وارو ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو.، پر مسئلو اهو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ خاص ڪري 18 هين ترميم کانپوءِ جيترا ٺهراءَ پاس ٿيا آهن، شايد ئي ڪنهن اسيمبلي ۾ پاس ٿيا هجن، پر ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي. تنهن ڪري صرف اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ نه پر ان تي عمل ڪرائي سنڌ جي هر شهر جي اسپتال ۾ ڪتي جي  ويڪسين کي يقين بنايو وڃي. ڇاڪاڻ ته خود سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪتن ڏاڙهڻ جا رجسٽرڊ ڪيس موجود آهي، ۽ هر روز جي بنياد تي سوين ڪيس سامهون اچي رهيا آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا:هاڻ جيئڻ جو حق ته نه کسيو.!!

نه صرف اهو پر خود حڪومت کي رولو ڪتن جي مارڻ جي مهم به شروع ڪرڻ گهرجي ته جيئن ويران گهٽن ۾ ڪتن جي موجودگي ۽ اچانڪ گذرندڙ ماڻهن کي ڏاڙهڻ وارو سلسلو بند ٿئي.

والدين تي به اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو خاص ڪري پنهنجن اسڪول ويندڙ ٻارڙن کي صبح جو اسڪول وڃڻ ۽ منجهند جو اسڪول مان موٽڻ وقت، هي اهو وقت آهي، جنهن وقت رولو ڪتا گهٽين ۾ گهمندي نظر ايندا آهن، جڏهن ته ماڻهن جي گهٽ رش هوندي آهي، نتيجي ۾ جڏهن به ڪتو ڪنهن ٻار کي کائڻ لاءِ پويان پوندو آهي ته ٻار ڊڪندي ڪري پوندو آهي ۽ ڪتو ان ٻار کي آساني سان کائيندو آهي. يا اهي ٻار جيڪي منجهند جي وقت گهر کان ٻاهر ويندا آهن، ته والدين کي گهرجي ته هو پنهنجن ٻارن کي اسڪول اڪيلو نه ڇڏين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.