اداڪار شفيع محمد جي شخصيت ۽ فن کي ڀيٽا:طارق عزيز شيخ

شفيع محمد شاهه سنڌي ۽ اردو ڊرامن جو وڏو اداڪار هو، هن جو جنم 1949ع ۾ ڪنڊياري تعلقي ۾ ٿيو، تعليم پرائڻ بعد اداڪاريءَ جو شوق هن کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وٺي آيو، جتي کيس ميزبان طور پروگرام ملي ويو، سندس آواز ۾ (Base) وزن، ڳرائپ ريڊيو پاڪستان تي ڪاميابيءَ جي ڪنجي جيان کيس اڳتي وڌايو. هو سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪري چڪو هو، ريڊيو هر اداڪار لاءِ پرائمري اسڪول جيان اهو مرڪز آهي، جتان پيڙهه پڪي ٿيندي آهي، شفيع محمد شاهه جي به پيڙهه پڪي ريڊيو حيدرآباد ڪئي ۽ پوءِ هو ڪراچيءَ ڏانهن لڙيو.
ڪراچي ٽي وي تان انهن ڏينهن ۾ هڪڙو ڪلاڪ سنڌي پروگرامن لاءِ مخصوص هو، شام جو 5 کان 6 تائين هفتي ۾ هڪڙو ڏينهن ڊرامي لاءِ مقرر هو، باقي سڄو هفتو مختلف نوعيت جا پروگرام هلندا هئا، شفيع محمد شاهه جڏهن ٽي وي ڊرامن ۾ پير رکيو، تڏهن محمود صديقي، منصور بلوچ ۽ يوسف علي جهڙا اداڪار هر سنڌي ڊرامي تي ڇانيل هئا، جڏهن ته ساقي، نور محمد لاشاري ۽ شهباز دراني باقي ڪردارن لاءِ جڳهه والاري وٺندا هئا، شفيع محمد شاهه پنهنجي فن جي آڌار تي اڳتي وڌيو، محمد بخش سميجو، هارون رند ۽ فيض ٻگهيو اهي ماهر هدايتڪار ۽ پروڊيوسر هئا، جيڪي هڪ نظر ۾ اداڪار جي فن کي ائين پرکي وٺندا هئا جيئن سونارو اصلي سون کي ڪسوٽيءَ تي پرکيندو آهي، هن کي موقعو مليو ۽ ڪاميابي ماڻيائين، نور الهديٰ شاهه ۽ عبدالقادر جوڻيجي جهڙن ڊراما نويسن جالکيل ڊراما هن ڪيا، ڪجهه عرصو ڪراچيءَ ۾ رهڻ بعد کيس لاهور وڃڻ جو شوق ٿيو، کيس اردو فلمن ۾ پازيٽو ۽ نيگيٽو رول مليا، شفيع محمد شاهه ٻئي سٺي طرح نڀايا پر پوءِ به فلمي دنيا ۾ رهي ڪو نه سگهيو، هن کي سٺو نه ويو يا پنهنجي دل ڀرجي ويس اها خبر نه پئجي سگهي، هو لاهور ٽي وي جي ڪجهه ڊرامن ۾ به ان دوران ڪم ڪري چڪو هو، شفيع محمد شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي موٽي آيو ۽ هتان ئي سنڌي اردو ڊراما ڪرڻ لڳي ويو، هن کي سنڌي ڊرامن مان تمام گهڻي پذيرائي ملي. 1989ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت آئي تڏهن پرائيويٽ ٽي وي چينلز ۽ ايف ايم ريڊيو جو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو لائيسنس جاري ڪيو ويو، انهن ڏينهن ۾ ايس ٽي اين نالي هڪڙو پرائيويٽ چينل اردو ٻوليءَ جو شروع ٿيو، جنهن تان اصغر نديم سيد جو لکيل ”چاند گرهن“ ڏاڍو مقبول ڊرامو هليو، هن ڊرامي جي ڪاميابي هندستان ۾ به وڌي وئي، جو دبئي جي هڪڙي شو ۾ اميتاڀ بچن اعتراف ڪيو هو ته انڊيا ۾ چاند گرهن جهڙا ڊراما نٿا ٺهن، هن شو ۾ ٻنهي ملڪن جا اداڪار شامل هئا.
شفيع محمد شاهه پنهنجي ٽيهن ورهين واري فني زندگيءَ ۾ پنجاهه ڊرامه سيريلز، هڪ سئو سولو پلي ۽ ڏهه فلمون ڪيون، هو عملي زندگيءَ ۾ بئنڪ آفيسر هو پر پوءِ سرڪاري نوڪري ڇڏي سڄو وقت اداڪاريءَ کي ڏنائين، هن جي آواز ۽ ڊائيلاگن جي ادائيگي ريڊيو، اسٽيج، ٽي وي ۽ فلمن ۾ برابر مقبول هئي، هن جو انداز سمورن اداڪارن کان منفرد هو، سندس ذاتي زندگيءَ ۾ به ڪا بناوٽ نه هئي، جيتوڻيڪ ذات جو سيد سڳورو هو، اداڪارن ۾ وڏي نالي وارو هو پر وڏائي نالي جي ڪا شيءِ هن جي ذات ۾ نظر ڪو نه ايندي هئي، شفيع محمد شاهه هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته اداڪاريءَ ڏانهن اچڻ جو شوق منجهنس محمد علي جي اداڪاري کان متاثر ٿي پيدا ٿيو. پي ٽي وي تان اشفاق احمد جي مقبول سلسلي ”ايڪ محبت سئو افساني“ نورالهديٰ شاهه جو ”جنگل“ عبدالقادر جوڻيجو جو ”ديوارين“ ۽ ايس ٽي اين تان اصغر نديم سيد جو ”چاند گرهن“ هن جا يادگار ڊراما رهيا، سنڌي ڊرامو ”غلام“ جيڪو نورالهديٰ شاهه جو لکيل هو، شفيع محمد شاهه جو انهيءَ ۾ مرڪزي ڪردار هو، جيڪو هميشه ياد رهڻ جهڙو هو، 1992ع ۾ هن ”محب شيدي“ سنڌي فلم ۾ به ڪم ڪيو.
هن کي ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ ٽي وي، فلم ايوارڊن کان علاوه پرائيڊ آف پرفارمنس جو ايوارڊ اهم آهي، سندس مداحن جو تعداد اڻ ڳڻيو هو، جيڪو به ماڻهو راهه ويندي يا ڪنهن دعوت ۾ ملندو هئس ته ان کي فضليت سان موٽ ڏيندو هو، نوڙت ۽ نهٺائي سان پيش ايندو هو، عام طور تي اداڪارن ۾ مڳي ۽ تڪبر اچي ويندو آهي، پر شفيع محمد شاهه ان جي ابتڙ هو. هن کي جنهن به ڊرامي ۾ ڪاسٽ ڪيو ويندو هو، اهو ڪاميابيءَ جي ضمانت بڻجي ويندو هو. شفيع محمد شاهه سياست جو به شوق رکندو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن جي پسنديده سياسي شخصيت هئي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ هن پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 2002ع واري اليڪشن ۾ ڪراچيءَ مان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي بيٺو پر هارائي ويو، محترمه بينظير پڻ شفيع محمد جي ڊرامن کي پسند ڪندي هئي ۽ ”چاند گرهن“ ۾ سياستدان واري ڪردار کي ساراهيو هئائين، جڏهن محترمه جلا وطنيءَ بعد 18 آڪٽوبر 2007 تي ڪراچي پهتي هئي ته شفيع محمد شاهه به آجيان ڪندڙن ۾ شامل هو.
شفيع محمد شاهه 17 نومبر 2007 تي دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪيو، ان وقت سندس ڄمار 57 ورهيه هئي، سندس جنازي نماز ڊفينس جي امام بارگاهه ۾ پڙهي وئي ۽ تدفين به ڪراچي جي ڊفينس واري قبرستان ۾ ٿي، مرحوم پنهنجو يادگار وقت گذاريو، پر ڪشش شخصيت جو مالڪ هو، سندس وفات تي ڪيترائي مداح غمگين ٿي ويا، هو ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ نيڪ انسان هو. پنهنجي گهر ۽ ٻارن جو وڏو سهارو بڻيل هو..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.