ٺٽي ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران پھرين ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا ڏھاڙي جون تياريون زور وٺڻ لڳيون،ڳوٺ محمد عارب سولنگي جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي ويس وڳا، اجرڪ، سنڌي ٽوپيون پائي انڊلٺي رنگن جهڙو ڏيک ڏنو ۽ رلهين تي سجايل گلڪاري سان پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪيو.
ٻارڙن ۽ ٻارڙين قومي گيتن تي رقص ۽ جھمريون ھڻي ڌرتي ماءُ سان پنھنجي محبت جو اظھار پڻ ڪيو
ان موقعي اسڪول جي ھيڊ ماستر نور محمد سولنگي ۽ ٻين چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ کي جس ھجي، جن سنڌي تقافت جو ڏھاڙو پھرين ڊسمبر تي ملھائڻ جو اعلان ڪري سڄي سنڌ کي ھڪ لڙھي ۽ قومي رنگ ۾ گڏ ڪري محبت، امن ۽ پيار جو اظھار ڪرڻ جو موقعو ڏنو