انقلابي فنگر پرنٽ سسٽم جيڪو منشيات جي سڃاڻپ ڪري ٿو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هاڻ فنگر پرنٽس جي  ذريعي به منشيات جي استعمال بابت ڄاڻي سگھجي ٿو ته ڪنهن شخص منشيات استعمال يا هيروئن ڪئي آهي يا ان کي پنهنجن هٿن ۾ کنيو آهي. فنگر پرنٽس جي افاديت سبب جيڪڏهن ڪو منشيات جيئن هيروئن ڏيڻ يا وٺڻ کان پوءِ سٺي نموني پنهنجا هٿ به ڌوئي ڇڏي تڏهن به فنگر پرنٽ نظام ان کي پڪڙي سگھي ٿو.

برطانيا ۾ يونيورسٽي آف سري اها فنگر پرنٽ ٽيسٽ تيار ڪئي آهي. ان ۾ هاءِ ريزولوشن اسپيڪٽرو اسڪوپي جو استعمال ڪيو ويو آهي. اهو نظام خاص طور تي هيروئن جي سڃاڻپ ڪري سگھي ٿو جنهن جو فارمولو monoacetylmorphine-6   آهي. ان کان سواءِ آمريڪا ۾ ڪلاس اي جون ٻيون نشه آور شيون به ان نظام ذريعي سڃاڻي سگھجن ٿيون.

اهو نظام ايترو ته اثرائتو آهي جو هيروئن جي شدت کي ڏسندي ٻڌائي سگھي ٿو ته ڪو شخص باقاعده ان ۾ ملوث آهي يا وري هن منشيات جي عادي سان رڳو هٿ ئي ملايو آهي. سائنسدانن برطانيا ۾ منشيات ڇڏرائڻ واري هڪ اسپتال ۾ وڃي وتي موجود اهڙن ماڻهن سان رابطو ڪيو جن 24 ڪلاڪن اندر هيروئن يا ٻي منشيات جو استعمال ڪيو هو. پهريان ڪيترن ئي ماڻهن جي سمورين آڱرين جا فنگر پرنٽ ورتا ويا ۽ ان کان پوءِ هنن کي صابڻ ۽ پاڻي سان هٿ ڌوئڻ جو چيو ويو. پوءِ ڪجهه دير تائين هنن کي نائٽرائل جا دستانا پهرايا ويا ۽ پوءِ هنن جي آڱرين جا ٻيهر فنگر پرنٽس ورتا ويا.

ان کان سواءِ 50 اهڙن ماڻهن جا به فنگر پرنٽس ورتا ويا جيڪي ڪنهن به قسم جو نشو نه واپرائيندا هئا. ان ٽيڪنالوجي منشيات جو باقاعدا عادي نه هجڻ وارن کي سڃاڻي ورتو ڀلي هنن هيروئن کي سڌي ريت هٿ نه لڳايو هو  يا وري بعد ۾ هٿ ڌوئي ورتا هئا يا وري ڪنهن اهڙي شخص سان هٿ ملايو هو جنهن هيروئن کي هٿ لڳايو هو.

ان کانپوءِ هيروئن جي باقعده عادي ماڻهن تي به ان کي آزمايو  ويو ۽ انهن جو ڊيٽا ڏٺو ويو  هيروئن استعمال ڪندڙ جي فنگر پرنٽ ۾ مارفين، نواسڪيپامائن ۽ ايسيٽائلو ڪوڊين جهڙا ڪيميل موجود هوندا آهن ڇو جو هيروئن جسم جي اندر وڃي جزن ۾ ورهائجي ويندا آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا:پي ٽي اي 9 لک ويب سائيٽس بلاڪ ڪري ڇڏيون

ان کان اڳ منشيات جي استعمال کي معلوم ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو هو جنهن ۾ متاثر شخص جي رت جا نمونا ورتا ويندا آهن. پر هاڻ اهو نئون فنگر پرنٽ ٽيسٽ گھٽ خرچ ۽ ترت نتيجو ڏيندڙ آهي. واضح رهي ته اهو فنگر پرنٽس کي ناهي ڏسندو پر آڱرين تي موجود منشيات جي خفيف مقدار کي نوٽ ڪندو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.