پي ٽي اي 9 لک ويب سائيٽس بلاڪ ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته ملڪ ۾ 9 لک ويب سائيٽس کي بلاڪ ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه چيو ته پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي 9 لک کان وڌيڪ ويب سائيٽس تائين  پهچ کي بلاڪ ڪيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: اسپيس ايڪس 60 سيٽلائيٽس جي پهرين کيپ مدار ۾ روانو ڪري ڇڏي

هن چيو ته ٽيڪنالوجي جي استعمال سان ڪجهه بلاڪ ٿيل ويب سائيٽس تائين رسائي ٿي سگھي ٿي.

واضح رهي ته ان کان اڳ سيپٽمبر 2019ع ۾ پي ٽي اي قومي اسيمبلي جي انفارميشن ٽيڪنالوجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ ٽيلي ڪام کي ٻڌايو هو ته 9 لک ويب سائيٽس کي مذهب جي توهين، پورنوگرافڪ، رياست، عدليا يا پاڪ فوج مخالف مواد هجڻ سبب بند ڪيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ٽوئيٽر تي پسنديده موضوع فالو ڪرڻ سولو ٿي ويو

.ي ٽي اي چيئرمين دعويٰ ڪئي ته ڏيکيائين باوجود اٿارٽي واهيپدارن جي ڊيٽا جي حفاظت کي يقيني بڻائي رهي آهي.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.