زخمن جي دوا ۽ پٽي ڪندڙ اسپري نظام

مونٽانا (ويب ڊيسڪ) هاڻ هڪ نئين ٽيڪنالوجي جي مدد سان مرهم، دوا ۽ پٽي کي هڪ اسپري جي صورت ۾ سڌي ريت زخمن تي لڳائي سگھجي ٿو، ان طريقي ۾ اليڪٽرواسپننگ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ اليڪٽرواسپننگ عمل کي پاليمر جا ريشا تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ان ۾ مصنوعي ريشن (فائيبر) جي جاءِ تي حياتياتي يا طبي مٽيريل استعمال ڪيو وڃي ته ان کي مريض جي زخم تي لڳائي سگھجي ٿو پر اڳ ۾ ته اليڪٽرو اسپننگ ۾ بلند وولٽيج استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙي طرح ڪرنٽ لڳڻ جو خدشو به رهندو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:چين ۾ جلد تي چنبڙندڙ طبي ڊسپلي تيار

مونٽانا ٽيڪنالوجي يونيورسٽي جي سائنسدانن هڪ دستي اوزار ٺاهيو آهي جيڪو ڪنهن به خطري کان سواءِ اهڙا ريشا ٺاهي سگھي ٿو جن کي طبي  مرهم ۽ پٽي جي لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو، اهو سسٽم دوا ۽ پٽي کي زخم تي اڇلي سگھي ٿو، خشڪ ٿيڻ تي فوري طور تي پٽي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.

تجرباتي طور تي هنداڻي سوڌو ٻين ڪيترين ئي شين تي ان کي آزمايو ويو آهي ۽ ان جا بهترين نتيجا مليا آهن ۽ اهو عمل اسپري پينٽنگ جيان ئي آهي، اسان کي خبر آهي ته جڏهن اسان اسپري جو رنگ ڪندا آهيون ته رنگ جا ذرڙا ڪنهن به سطح تي وڃي گڏ ٿي ويندا آهن. اهڙي طرح اهو نئون نظام به اسپري پينٽنگ جيان مرهم ۽ پٽي کي زخم تي ڄمائي سگھي ٿو.

مرهم ۽ پٽي جو اهو تيز رفتار نظام انساني جسم جهڙي مادن ۽ ميون تي آزمايو ويو آهي. ان ذريعي  ڪنهن به حادثي کان بعد زخم جو فوري طور تي هڪ اسپري سان علاج ڪرڻ ممڪن هوندو ۽ جنگين ۾ به ان کي استعمال ڪري سگھجي ٿو.

ان کان سواءِ بم ڌماڪن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ گھرن زخمن کي ڀرڻ ۾ اهو اوزار اهم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو جنهن ۾ سموري بينڊيج هڪ اسپري جي دٻي ۾ بند هوندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.