نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان نڪرندو يا نه…؟ فيصلو صبح 10 وڳي ٻڌايو ويندو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان ڪڍڻ واري معاملي تي قانون واري وزير فروغ نسيم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو ۽ فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي جيڪو صبح 10 وڳي ٻڌايو ويندو.

وزير اعظم عمران خان جو خاص مددگار شهزاد اڪبر ۽ ميڊيڪل بورڊ جو سربراهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.

پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان عطا تارڙ، نواز شريف جو ڊاتي ڊاڪٽر عدنان ۽ قومي احتساب بيورو جون اختياريون ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ شريڪ ن ليگ جي نمائندي عطا تارڙ نواز شريف طرفان ضمانتي بانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

هن چيو ته اسان سيڪيورٽي بانڊ عدالت ۾ جمع ڪرائي چڪا آهيون وڌيڪ سيڪيورٽي بانڊز نه ڏينداسين، ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو فيصلو اربع جي صبح 10 وڳي ٻڌايو ويندو.

عطا تارڙ چيو ته ذيلي ڪميٽي سان ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ آهي، اسلام آباد ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ضمانتي حڪمن تي شورٽي جمع ڪرائي چڪا آهيون، علاج جي ڳالهه عدالت ۾ ٿي چڪي آهي وڌيڪ ڪٿي شورٽيز جمع ڪرائڻ جي ضرورت ناهي.

خيال رهي ته صبح 9 وڳي به ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ اِها تجويز آئي هئي ته نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي لاءِ سيڪيورٽي بانڊ گهريا وڃن البت هن جي ماليت سامهون ناهي آئي.

وفاقي ڪابينا نواز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جي مشروط منظوري ڏئي ڇڏي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا اجلاس ۾ وزير اعظم عمران خان موقف اختيار ڪيو ته اسان انساني همدردي جي بنياد تي نواز شريف کي ٻاهر وڃڻ جو فيصلو ڪري رهيا آهيون، مون مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ڪرائي آهي نواز شريف واقعي ۾ بيمار آهي.

وزير اعظم چيو ته نواز شريف کي هن جي مرضي جو علاج ڪرائڻ ڏيڻ گهرجي پر اِها ڳالهه يقيني بڻايو ته نواز شريف علاج کان پوءِ واپس اچي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:نواز شريف بابت حڪومتي شرطن تي ن ليگ جو رد عمل اچي ويو…!

وزير اعظم هدايت ڪئي ته ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ بابت پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ذيلي ڪميٽي شهباز شريف کان ۾ مڪمل ضمانت وٺي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نواز شريف طرفان سيڪيورٽي بانڊ جمع ڪرايو ويندو آهي ته ذيلي ڪميٽي هن جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿي ۽ ٿهان ان جي لاءِ وفاقي ڪابينا کان وڌيڪ منظوري جي ضرورت ناهي.

ان بابت وزير اعظم عمران خان جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته ذيلي ڪميٽي شريف خاندان جي نمائندن سان نواز شريف جي واپسي جي تاريخ گهري آهي، هنن کان پڇيو آهي ته ڪيسن جي رهيل رقم ۾ ڪيترا پيسا گارنٽي طور ڏئي سگهو ٿا؟

شهزاد اڪبر چيو ته واپسي جي تاريخ ۽ ضمانتي بانڊز گهرڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، عدالت به ضمانتي بانڊز جمع ڪند آهي، ڪابينا کان سرڪيوليشن جي ذريعي به اي سي ايل مان نالو ڪڍي سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.