سنڌ ۾ ونڊ پاور  جي 11 منصوبن جي تعمير وارن معاهدن تي صحيحون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ صوبي ۾ هوا مان بجلي پيدا ڪندڙ يارنهن منصوبن جي تعمير جي لاءِ عملدرآمدي معاهدن تي صحيح واري تقريب وفاقي راڄڌاني ۾ ٿي.

پاور ڊويزن جي ترجمان موجب معاهدن تي متبادل توانائي ترقياتي بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ( سي اي او) ڊاڪٽر راڻا عبدالجبار ۽ لاڳاپيل ڪمپنين جي اهلڪارن صحيحون ڪيون.

خانگي ڪمپني گڏيل طور تي سنڌ ۾ جمهپير جي مقام تي 550 ميگا واٽ کان وڌيڪ ونڊ پارو جي مصنوبا لڳايا ويندا.

پاور ڊويزن جي ترجمان موجب 10 ڪمپينون 50-50 ميگا واٽ جا منصوبا لڳائينديون جڏهن ته هڪ ڪمپني 60 ميگا واٽ جي ونڊ پاور منصوبا لڳايا ويندا.

ترجمان جو چوڻ آهي ته ونڊ پاور منصوبن مان 2021 جي وچ ۾ بجلي پيداوار شروع ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.