ميرپور خاص: تيز گام ايڪسپريس واقعو دل ڏکوئيندڙ آهي: وڏو وزير

وامي آواز رپورٽ
ميرپور خاص: تيز گام ايڪسپريس واقعو دل ڏکوئيندڙ آهي: وڏو وزير
وامي آواز رپورٽ ميرپور خاص: تيز گام ايڪسپريس واقعو دل ڏکوئيندڙ آهي: وڏو وزير

 

 

 

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته تيز گام ايڪسپريس واقعو دل ڏکوئيندڙ ۽ اڻ وسرندڙ واقعو آهي

تبليغي مرڪز ميرپور خاص  ۾ فوتين  جي وارثن سان ملاقات  بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ماڻهن جي جان جي ڪا قيمت نه هوندي آهي پر سنڌ حڪومت فوتين جي وارثن کي پنج پنج لک زخمي ٿيندڙن کي اڍائي اڍائي لک ۽ گهٽ زخمي ٿيندڙن کي هڪ هڪ لک مالي مدد طور ڏئي رهي آهي ان کان سواءِ جيڪي شهيد گهر جا خود ڪفيل هئا انهن جون لسٽون ڊپٽي ڪمشنر کان گهرايون ويون آهي انهن جي وارثن کي سنڌ حڪومت پاران نوڪري ڏني ويندي ان موقعي تي مراد علي شاهه سان صوبائي وزير هريرام ڪشوري لال، ايم اين اي مير منور ٽالپر، صوبائي وزير تعمور ٽالپر ۽ ٻيا اڳواڻ گڏ هئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.