لاڙڪاڻو: پوليس ڪاروائي ڪري شهرين کان ڦرون ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪري ورتو

وامي آواز رپورٽ
لاڙڪاڻو: پوليس ڪاروائي ڪري شهرين کان ڦرون ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪري ورتو
وامي آواز رپورٽ لاڙڪاڻو: پوليس ڪاروائي ڪري شهرين کان ڦرون ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪري ورتو

 

 

لاڙڪاڻو پوليس ڪاروائي ڪندي شهر جي مختلف هنڌن تي شهرين کان ڦرون ڪندڙ هڪ ٽولي کي گرفتار ڪري ورتو آهي

اي ايس پي لاڙڪاڻو محمد ڪليم پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻو پوليس منور آباد ڪالوني ۾ ڪامياب ڪاروائي ڪندي شهر جي مختلف هنڌن تي شهرين کان ڦرون ڪندڙ هڪ ٽولي کي گرفتار ڪري ورتو آهي گرفتار جوابدارن ۾ مهراڻ ڪلهوڙو، سرفراز لانگاھ ۽ سعيد مستوئي شامل آهن جڏهن ته گرفتار جوابدارن وٽان ڊاڪٽرياڻي کان ڦر ڪيل پرس، سوني منڊي، 3 پسٽل، 6 موبائيل فون سميت ٻيو سامان برآمد ڪيو ويو آهي هن چيو ته ڪاروائي دوران گرفتار ڪيل جوابدارن مٿان لاڙڪاڻي شهر جي مختلف ٿاڻن تي 8 ڪيس داخل ٿيل آهن جن ڪيسن ۾ سندن کي چالان ڪري جيل اماڻيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.