حڪومت پاڪستان ۽ عوام لاءِ ڪوشان آهي…! عارف علوي جو تقريب کي خطاب

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سياحت کي هٿي جي لاءِ ڪوشان آهي، آئون پاڻ به سياحت جو شوقين آهيان.

اِها ڳالهه هن لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته پاڪستان قدرتي منظرن سان مالا مال ملڪ آهي جيڪو سياحن جي لاءِ مڪمل طور تي کليل آهي، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سياحت جي لاءِ هٿي جا خواهشمند آهن.

ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ هو ته سياست سان مختلف تجربا ۽ نيون جايون ڏسڻ جو موقعو ملندو آهي، آئون پاڻ به سياحت جو بيحد شوقين آهيان، ماحولياتي تبديلي سان دنيا ۾ مختلف ماڳ به متاثر ٿي رهيا آهن.

ملڪ جي صدر چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جو تجربو خوشگوار رهيو، سيڙپڪارن کي نفعي سان گڏ ملڪ جي معيشت به بهتر ٿي رهي آهي، حڪومت طرفان پاڪستان ۾ واپار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون ويون آهن.

هن ٻڌايو ته چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ موثر بندوبست ڪيا پيا وڃن، ملڪ اميدن جي موجب ترقي ڏانهن گامزن آهي، ان کان سواءِ پاڪستان مختلف شعبن جي ترقي ۾ واضح مقام حاصل ڪري رهيو آهي.

عارف علوي چيو ته اڄوڪي دور ۾ واپار کان سواءِ ٻيون به شيون نظر ۾ رکيون وينديون آهن، روزگار ۾ خاص ماڻبهن جي ڪوٽا رکڻ به انتهائي اهم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.