ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جي ڪري شريف فيملي ٻاهر پئي وڃي، هي سڀ اُتي پيا وڃن جتي اشتهاري مائٽ ۽ ڦريل دولت پيل آهي.
تفصيل موجب سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڊاڪٽرن موجب علاج جي شرط آهي عيادت ڪير ٻيو نٿو ڪري سگهي، ڊاڪٽرن موجب علاج جي شرط اِها آهي ته عيادت رڳو مريم ڪري سگهي ٿي.
وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جي ڪري ابو، چاو ۽ پوءِ مريم به وڃي رهي آهي، هي سڀ اُتي پيا وڃن جتي اشتهاري مائٽ ۽ ڦريل دولت پيل آهي.
فيصل واوڊا چيو ته هي آهي سسٽم جو اُهو ڀيانڪ چهرو جنهن کي تبديل ڪرڻ لاءِ عمران خان آيو آهي، ان نظام جي خلاف پهرين ويڙهه ڪئي هئي هاڻ جنگ ڪنداسين.
ملک میں جو کچھ ہو رہا ہے اُس کی بدولت ابو(نواز)،چچا(شہباز)اور پھر میں وہاں جا رہے ہیں جہاں ہمارے اشتہاری رشتے دار اور لُوٹی ہوئی دولت ہے-چچا آتے جاتے رہیں گے۔ہم پہلے بھی سعودیہ بھاگ گئے تھے۔ڈاکٹرز کے مطابق علاج کی شرط یہ ہے کہ تیمارداری کوئی اور نہیں صرف میں مریم نواز کرسکتی ہوں-
— Faisal Vawda (@FaisalVawdaPTI) November 11, 2019