فواد چوڌري کي شرم اچڻ گهرجي…!

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف لاءِ هڪ هڪ لمحو قيمتي آهي، ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ نواز شريف کي پرڏيهه موڪلڻ ناممڪن ٿي ويندو.

نواز شريف جي صحت بابت ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي گهڙي گهڙي اسٽيرائيڊرز نٿا ڏئي سگهجن، اسٽيرائيڊرز جو گهڙي گهڙي هاءِ ڊوز سندس زندگي کي خطري ۾ وجهڻ جي برابر آهي، ڊاڪٽرن موجب وقت گذرڻ سان گڏ نواز شريف جي زندگي کي خطرو وڌي رهيو آهي.


هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي صحت جي حوالي سان اڳڪٿيون نه ڪيون وڃن، سندس صحت بابت ڪو به اطلاع مان يا ڊاڪٽر عدنان جاري ڪندو، ان کانسواءِ ڪنهن به اطلاع کي بنا تصديق جي نه هلايو وڃي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: نواز شريف ٻاهر ويندو يا نه…؟ فواد چوڌري ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري وفاقي وزير فواد چوڌري تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته نواز شريف جي صحت تي سياست ڪندي کيس شرم اچڻ گهرجي.

فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي طلال چوڌري چيو ته وفاقي وزير، نواز شريف جي دشمني ۾ نه پر عمران خان جي دشمني ۾ بيان ڏنو آهي.

واضح رهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي علاج لاءِ ٻاهر موڪلڻ جي مخالفت ڪئي آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته نواز شريف جو ٻاهر وڃڻ زيادتي هوندي ۽ ان معاملي تي سڀني وزيرن جو اتفاق ڏکيو آهي، ڪيترن ئي وفاقي وزيرن نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ ڪابينا جا سڀ ميمبر اڳوڻي وزيراعظم کي ٻاهر موڪلڻ جا حامي ناهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.