خانپور مهر: ڳوٺاڻن پاران گهوٽڪي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

وامي آواز رپورٽ
خانپور مهر: ڳوٺاڻن پاران گهوٽڪي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج
وامي آواز رپورٽ خانپور مهر: ڳوٺاڻن پاران گهوٽڪي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

 

 

خانپور مهر ۾ ڳوٺاڻن پاران گهوٽڪي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ ڪريمداد گڏاڻي جي رھواسين محمد بخش گڏاڻي، محمد حسن ۽ ٻين چيو ته 14 ڏينهن اڳ صبح جو گھوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس انور ڪوري جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ تي چڙھائي ڪري نوجوان  غلام رسول کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي.

ھنن چيو ته هو گھوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھن پر پوليس ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن نوجوان غلام رسول گڏاڻي کي آزاد ڪرائي گھوٽڪي پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.