وڏيرو ڪارنهن جو الزام ڏئي قتل ڪرڻ چاهي ٿو: گھوٽڪي واسي جوڙو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) وڏيرو ڪارو ڪاري قرار ڏئي ٻارن سميت قتل ڪرڻ چاھي ٿو، 12 سال پنجاب جي مختلف شھرن ۾ دربدر جي زندگي گذاري 3 مھينا اڳ گھر پھتاسون ته ھفتو اڳ  قاتلاڻو حملو ڪرايو ويو، ان سلسلي ۾ محبوب ڌونڌو ميڊيا کي ٻڌايو ته 12 سال اڳ ڳوٺ ڌونڌو ۾ محبوب ڌونڌو مائي روبي ڌونڌو ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد پنجاب جي مختلف شھرن ۾ قتل جي ڊرپ کان پنجاب ۾ مختلف شھرن ۾ دربدر جي زندگي گذاري، 3 مھينا اڳ اباڻي ڳوٺ رونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌونڌو ۾ پهچڻ تي 10 جوابدارن وڏيري جي چرچ تي جوبدارن ۽ ٻين زال روبي ڌونڌو ٻن پٽن ۽ ھڪ نياڻي کي اغوا بعد قتل ڪرڻ جي نيت سان ڳوٺ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ معجزاڻي طور بچي وياسين، محبوب ٻڌايو ته ڀاءُ الله داد ڌونڌو ۽ پھلوان ڌونڌو شديد زخمي ٿي پيا، جنهن کي بھاول پور اسپتال ۾ انتھائي نازڪ حالت ۾ داخل آهن، جوابدارن جي چرچ تي زال مائي روبي کي ڪارو ڪاري ڪرار ڏئي 12 سال اڳ ۾ فيصلو ڏنو ھو، جنهن جو فيصلو نه مڃڻ تي مائٽ ۽ وڏيرو جان جا دشمن ٿي ويا آهن، ھن ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سنڌ  کي اپيل ڪئي ته زال ۽  ٻارن کي وڏيري جي ظلم کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.