سڪرنڊ ويجهو عورت گهريلو اڻبڻت تان خودڪشي ڪري ڇڏي

سڪرنڊ (ن ع آ)سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ دڙي مگسي لڳ سرنجي بٺي تي ڪم ڪندڙ چئن ٻارن جي ماءُ گهر جي ڇپر ۾ پوتي ٻڌي خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. لاش سڪرنڊ پوليس تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي فوتي عورت جي مڙس شمون ٻڌايو ته منهنجي گهرواري سهڪ جي بيماري ۾ مبتلا هئي جنهن طبيعت خراب ٿيڻ تي دوا وٺي ڏيڻ جو چيو پر شهر نه وڃڻ تي ناراض ٿي اهو قدم کنيو آهي. جڏهن ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي جو چوڻ آهي ته عورت تي تشدد جو ڪنهن به قسم جو نشان نظر نه آيو ۽ خودڪشي جو ڪيس آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.