ڀان ويجهو گهاري ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيو، رهواسي پريشان

ڀان سيد آباد (ن ع آ ) ڀان سيد آباد ويجھو خداآباد شاخ کي ڳوٺ پارو جو کوهه وٽان آبپاشي کاتي جي نااھلي ۽ بي ڌياني جي ڪري 100 فوٽ گهارو  پئجي ويو، جنھن ڪري قديمي ڳوٺ پارو جو کوھ پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي، جڏهن ته پاڻي گھرن ۾ ڪاھجي پيو آھي، جنھن جي ڪري ڏھن پورھيتن دلدار جلباڻي ـ پير بخش ـ اڪبر چانڊيو ـ قاسم چانڊيو ـ صادق جلباڻي سميت ڏهن ڄڻن جا گھر ڪري پٽ ٿي پيا آھن، متاثرن جي واھر نه ٿيڻ جي ڪري لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آھي، ڳوٺاڻن پاران اطلاع ڏيڻ جي باوجود آبپاشي عملو نه پھتو آھي، جنهن ڪري ڳوٺاڻن جو ساھ مٺ ۾ آھي، ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت گھاري کي بند ڪرڻ لا۽ ڪوشش ۾ آھن، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن دلدار جلباڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ھي ٽيون ڀيرو گھارو لڳو آھي پر آبپاشي کاتي وارا ڪن لاٽار ڪري رھيا آھن، جيڪا وڏي زيادتي آھي، اسان بروقت اطلاع ب ڏنو آھي، پر ھن مهل تائين آبپاشي کاتو ظاھر ناھي، هنن مطالبو ڪيو ته جلد گهارو بند ڪري اسان جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.