نمرتا ڪيس تي سنڌ ۾ وري باهه ٻريل، قاتلن کي تحفظ ڏيڻ تي وي سي هٽائڻ جو مطالبو

ڪراچي(رپورٽ: رزاق عاصي) شاگردن، سياسي ڌرين، انساني حقن جي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن  نمرتا ڪيس جي جڊيشل  ڪميشن جي مڪمل رپورٽ اچڻ تائين وي سي ۽ سيڪيورٽي آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي ۽ سنڌ سجاڳي فورم جي قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپ تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي شيرين کوکر چيو ته ميڊيڪل رپورٽ مان صاف ظاهر آهي ته نمرتا خودڪشي ناهي ڪئي، کيس قتل ڪيو ويو آهي، پهرين ڏينهن کان انساني حقن جون تنظيمون ۽ سول سوسائٽي اهو ئي چئي رهي آهي ته سنڌ سرڪار نوٽيس وٺي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي پر سنڌ حڪومت ان معاملي تي سنجيده ناهي،  هن چيو ته ڊاڪٽر عنايت جو اوچتو ميدان ۾ اچڻ ۽ نمرتا جي خودڪشي ثابت واريون ڪوششون به معنيٰ خيز آهن، سسئي لوهار چيو ته ڊاڪٽر نمرتا جو قتل فقط هڪ نياڻي جو قتل ناهي اهو قتل شعور جو قتل آهي، اهڙن واقعن سان سنڌ جي نياڻين کي تعليم کان پري ڪرڻ جي هڪ سازش آهي،  اسين نمرتا جي وارثن کي به چئون ٿا ته هو ڪنهن به خوف ۾ جي ڪري پنهنجي نياڻي جي نه حق قتل تي خاموشي اختيار نه ڪن. سنيتا راٺوڙ چيو ته اسڪولن ۾ معصوم نينگريون، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ اسان جون نياڻيون محفوظ ناهن، نمرتا کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيو ويو آهي پر شروع کان وٺي بااثر ڌريون قاتلن ۽ ذميوارن کي بچائڻ  جي ڪوشش ڪري رهيون آهن جيستائين نمرتا سان انصاف نه ٿيندو تيستائين اسين خاموش نه ويهنداسين. سيما مهيشوري چيو ته سنڌ ۾ عورتون ۽ خاص طور تي هندو ناريون نشاني تي آهن، ڪڏهن مذهب مٽرائي ته هندو نارين کي مائٽن کان دور ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن نمرتا جهڙا واقعا ڪري هندو نياڻين کي قتل ڪيو وڃي ٿو، اسين عالمي انساني حقن جي تنظيمن، سنڌ سرڪار ۽ خاص طور تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اها گذارش ڪيون ٿا ته فوري طور تي ان واقعي جو نوٽيس وٺي قاتلن کي سزا ڏني وڃي. سنڌو ساگر چيو ته نمرتا قتل واضع قتل آهي، ميڊيڪل رپورٽ ۽ ٻيون شاهديون هي ثابت ڪري رهيون آهن ته نمرتا کي ڏاڍائي ڪري قتل ڪيو ويو آهي، هاسٽل ۾ سي سي ٽي وي ڪيمئرا هجڻ باوجود قاتل ڪيئن نمرتا جي ڪمري تائين پهتا، ان مان ظاهر آهي ته وي سي سميت انتظاميا به ان قتل ۾ملوث آهي، جساف اڳواڻ آغا مبشر چيو ته جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڊاڪٽر نمرتا جي قتل کان اڄ تائين اهو ئي مطالبو ڪيو آهي ته هن ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏني وڃي قاتلن کي سزا ڏيارڻ تائين جسقم سراپا احتجاج رهندي. سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين سرمن بروهي ، حمزه چانڊيو، سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ سارنگ چانڊيو چيو ته جڊيشل ڪميشن جي مڪمل رپورٽ تائين شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان ۽ هاسٽل اتنظاميا توڙي سيڪيورٽي آفيسرن  کي عهدي تان هٽايو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته ڊي اين اي جي تازي رپورٽ موجب نمرتا ڪماري کي قتل ڪرڻ کان اڳ جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جيڪو حيران ڪندڙ انڪشاف آهي، جڏهن ته وائيس چانسلر سميت سندس فرنٽ مين نمرتا جي قتل کي جبري طور خودڪشي جو رنگ ڏئي خون لوڙهڻ جي مسلسل سازش ڪري رهيا هئا جڏهن ته نمرتا جي فيملي تي دٻاءُ وجهڻ سان گڏوگڏ نمرتا خلاف منفي پروپيگنڊا ڪري مٿس ڪوڙا ۽ من گهڙت الزام هڻي رهيا هئا. هنن چيو ته جيستائين نمرتا جي خون سان انصاف نٿو ڪيو وڃي ۽ سندس قاتلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي تيستائين يوٿ ايڪشن ڪميٽي منطم جدوجهد ڪندي ۽ هر صورت ۾ قاتلن جي گرفتاري کي يقيني بڻائڻ لا حڪمت عملي تشڪيل ڏيندي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻيون جنسي هراسمينٽ کي منهن ڏئي رهيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ اهي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿيون جنهن جو تازو مثال سائره ٿهيم جو آهي، جنهن کي پنهنجي ئي تعليمي اداري جا استاد صاحبان بليڪ ميل ڪري رهيا هئا جڏهن ته ڪجهه اهڙا واقعا پڻ ٿيا آهن جيڪي سڌري ريت قتل آهي، پر انهن کي خودڪشي جو رنگ ڏئي خون لوڙهيا ويا آهن جنهن جو مثال نائلا رند آهي ،جنهن کي هاسٽل ۾قتل ڪري خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو. هنن چيو ته وي سي سميت هاسٽل انتظاميا کي برطرف ڪري انهن کي به نمرتا جي قتل واري جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندن وٽان) نمرتا چنداڻي جي جنسي ڏاڍائي بعد قتل واقعي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل،واقعي کي پراسرار بڻائيندڙ شخصيتن ۽  قاتلن کي تحفظ فراهم ڪندڙ لڪيل هٿ وائکا ڪرڻ جو مطالبو، تفصيل موجب  نمرتا واقعي خلاف ڪالهه ٻئي ڏينهن  به لاڙڪاڻي ۾  سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان لڳايل ڪئمپ ۾ ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو جڏهن ته سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ۽ شاگردن تنظيمن توڙي سول سوسائٽي طرفان به واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه نمرتا واري واقعي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻئي ڏينهن به چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي مُک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي مرڪزي سيڪريٽري جنرل گلزار احمد سومرو، ضلعي صدر الهورايو عمراڻي، ڊاڪٽر سهيل اختر مهر، طارق علي جتوئي، صادق لاشاري، دلبر پيچوهو، ساگر ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته نمرتا ڪماري جي قتل کي اسين سنڌ جي شعور جو قتل سمجهون ٿا، اسين سمجهون ٿا ته ڪجهه تعليم دشمن عناصر تعليمي ادارن ۾ اهڙي قسم جا واقعا ڪرائي سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته نمرتا ڪماري جي قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏيندڙ وائيس چانسلر پروفيسر انيلا عطا الرحمان تي ڪيس داخل ڪري ملوث درندن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هوڏانهن سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ۽ شاگرد تنظيمن توڙي سول سوسائٽي پاران نمرتا واقعي خلاف چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو ۽ بعد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي اڳواڻن ۽ شاگردن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي قاتل قاتل وي سي قاتل، نمرتا جي خون جو حساب ڏيو جا نعرا هنيا. ان موقعي تي اسلام آباد مان آيل شاگرد اڳواڻ پي آر ايس ايف اڳواڻ آغا جليل، مهراڻ ڪائونسل جي ثناءَ الله امان، آل پاڪستان شاگرد اتحاد جي اڳواڻ شهزاد لاشاري، اعزاز پيرزادو، ايس يو پي ڊاڪٽر مظهر مغل، شيبا مغل، ناياب سرڪش سنڌي، احمر اڪبر ڦل سميت ٻين ٻين خطاب ڪندي چيو ته نمرتا ڊينٽل ڪاليج جي هوشيار شاگردياڻي نمرتا جو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل مان لاش اچڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج انتظاميا جي نااهليءَ جو کليل ثبوت آهي جيڪي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي ادارن ۾ تعليم تباهه ڪري رهيا آهن ڪنهن به مهذب معاشري ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا ويندا آهن پر افسوس جو لاڙڪاڻي سميت سنڌ جا تعليمي ادارا نياڻين لاءِ غير محفوظ بڻيل آهن. هنن چيو ته نمرتا جي حتمي پوسٽ مارٽم ۾ نمرتا سان جنسي عمل جي تصديق ٿي وئي آهي پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر بغير جاچ جي واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو هو کيس سڄي معاملي جي جاچ بغير غير ذميوارڻو بيان ڏنو. هن چيو ته يونيورسٽي تنظيم سان سلهاڙيل ڊاڪٽر عنايت مگسي طرفان مسلسل نمرتا واري واقعي بابت غلط بيان ڪري معاملي مختلف رخن کان وٺي وڃي رهيو آهي جنهن خلاف يونيورسٽي انتظاميه ڪاروائيءَ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته نمرتا معاملي بابت جوڙيل جوڊيشل انڪوائري مان اسين پر اميد آهيون ۽ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪريون ٿا پر اسان جو سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وڏي وزير سميت ٻين وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته وائيس چانسلر کي عهدي تان هٽائي جوڊيشل انڪوائري جي روشنيءَ ۾ نمرتا جي موت جا ڪارڻ بڻجندڙ يا کيس قتل ڪندڙن کي وائکو ڪيو وڃي جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي ٻنجو ڏئي سگهجي، نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي پاران  نثار ڪيريو، شاهنواز ڪيريو، ٻڊل مگسي، رفيق ملاح، رستم شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، انهيءَ موقعي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ٽي پي پهرين ڏينهن کان وٺي نمرتا جي وارثن سان گڏ هُئي ۽ اسان جو اهو ئي مطالبو هو ته وي سي سميت جيڪي به هٿ نمرتا چنداڻي جي قتل ۾ ملوث آهن انهن کي گرفتار ڪيو وڃي، هنن چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ نمرتا کي جنسي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڄاڻايو ويو آهي ليڪن ڪجهه ڌريون نمرتا جو ناحق خون لوڙھڻ چاهين ٿيون، هوڏانهن ڪنڌ ڪوٽ ۾ نمرتا ڪماري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هندو ميگهواڙ برادري جي سڏ تي پريس ڪلب جي آڏو راجا گوپي چند، سنتوش اگروال، جئرام داس سچديو، ڀونرداس، ڪامريڊ عباس باجڪاڻي، مشتاق خان چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين چيو ته رپورٽ اچڻ  جي باوجود لاڙڪاڻي پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي جنهن ڪري سڄي سنڌ سوڳوار آهي ،سڪرنڊ ۾ عوامي ورڪرس پارٽي پاران نمرتا جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ ميڊيا سينٽر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻ فيض محمد ڪيريو ، شرف الدين سنڌي ، خالد سولنگي ، ياسين ملاح  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نمرتا جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. نااهل وي سي کي معطل ڪيو وڃي. نمرتا جي قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.هوڏانهن گهوٽڪي ۾  سول سوسائٽي جي سڏ تي ڊاڪٽر نمرتا جي خون سان انصاف لاءِ پريس ڪلب گهوٽڪي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . ان موقعي تي وي سي انيلا رحمان کي هٽائڻ ۽ ڊاڪٽر نمرتا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي ته سول سوسائٽي جي اڳواڻن حاتن خان شر ، ڪامريڊ سيد جمال شاھ ، نصرالله ڪلادي ، مير حسن لاشاري ، لال بخش گهوٽو ، مجاهد سخي جان ، احسان ڪلادي ، اڪرم ٿهيم ، ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽر نمرتا کي قتل ڪيو ويو آھي. پر اڃان تائين قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آھن. قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان ڊاڪٽر نمرتا جي بيگناهه قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻ ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،اختيار چانڊيو،طالب ٻرڙو،خداڏنو چانڊيو،عبدالوحيد گوپانگ ٻين چيو ته ڊاڪٽر نمرتا کي ريپ ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو قاتل گرلس هاسٽل ۾ ڪيئن داخل ٿيا ۽ قتل ڪري فرار ٿي ويا.

جاچ کان اڳ نمرتا جي خودڪشيءَ جي فتويٰ جا ڇا مقصد آهن؟

ڪراچي  (رپورٽر) لاڙڪاڻي جي آصفه ڊينٽل ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي موت بابت جوڊيشل انڪوائري هلندڙ آهي جيڪا مڪمل ٿيڻ  جي آخري مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ به اچي چڪي آهي، جنهن ۾ مرداڻا جزا ملڻ جي به تصديق ٿي وئي آهي. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر امرتا پڻ ڪالهه جوڊيشل انڪوائري ۾ پيش ٿي چڪي آهي پر حيرت جي ڳالهه اها اهي ته جوڊيشل جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو هڪ گروهه اوچتو سرگرم ٿي ويو آهي، جنهن نمرتا ڪيس ۾ انصاف لاءِ احتجاج ڪندڙن جي هجوم ۾ اچي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته نمرتا قتل نه ٿي آهي، هن خودڪشي ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ترقي پسند، روشن خيال ۽ لبرل سوچ رکندڙ ڊاڪٽر عنايت مگسيءَ جي وڊيو به سوشل ميڊيا ۾ وائرل ٿي آهي. جيڪو پاڻ کي سوڀي گيانچنداڻي ۽گربخشاڻي جو پٽ چئي رهيو آهي ۽ اهو به چئي رهيو آهي  ته نمرتا  منهنجي نياڻي آهي وري اهو به چئي رهيو آهي ته نمرتا قتل ناهي ٿي، هن خودڪشي ڪئي آهي ۽ هوءَ مسلمان ٿي چڪي هئي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر عنايت مگسي سوشل ميڊيا ۽ سياسي سماجي حلقن ۾ تڪراري بڻجي ويو آهي. اهي سوال ٿي رهيا آهن ته ڊاڪٽر عنايت مگسي کي آخرڪار اهڙي ڪهڙي تڪڙ هئي جو اڃا جوڊيشل جاچ آخري مرحلي ۾ آهي ته هو ميدان ۾ اچي ويو ۽ چيو ته نمرتا قتل ناهي ٿي پر هن خودڪشي ڪئي آهي؟ ڇا فقط ان لاءِ ته يونيورسٽيءَ جي وي سي اڳ ئي نمرتا جي موت کي خودڪشي قرار ڏئي چڪي هئي. ڊاڪٽر عنايت وي سي جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي ونگار وهي رهيو آهي؟ يا ان لاءِ ته ڊاڪٽر پاڻ يونيورسٽي جي ذهني بيمارين واري شعبي جو سربراهه ۽ ساڳي يونيورسٽي ۾ سينڊيڪيٽ جو ميمبر به آهي؟  هاڻي ته اهي به امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ۽ مطالبا به ٿي رهيا آهن ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ نمرتا جي خودڪشي جي دعويٰ ڪندڙ وي سي ۽ ٻين ماڻهن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. جڏهن ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر امرتا کي به جاچ ڪندڙ سيشن جج ڪالهه طلب ڪري رپورٽ ظاهر ڪرڻ تي ڇنڊ پٽي آهي، سوشل ميڊيا تي اهي به اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن ته  يونيورسٽي جا ٻيا سگهارا ڪردار به نمرتا ڪيس ۾ ملوث آهن. ڪراچيءَ ۾ نمرتا ڪيس ۾ انصاف لاءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ پڻ سماجي ڪارڪن شيرين کوکر خطاب ڪندي چيو آهي ته نمرتا ڪيس جي جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڊاڪٽر عنايت مگسيءَ جو ميدان تي لهي پوڻ معنيٰ خيز آهي، جيڪڏهن ان وٽ ٺوس ثبوت آهن ته ان کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ياد رهي ته وي سي نمرتا جي تڏي تي هڪ صحافيءَ کي سوال پڇڻ تي بوکلاهٽ ۾ چماٽ هنئي هئي ۽ بعد ۾ وڃي معافي ورتي هئي.

وي سي ،رجسٽرار، ڊاڪٽرياڻي ۽ ايس ايڇ او سيشن جج آڏو پيش

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) نمرتا معاملي تي انڪوائري آفيسر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو طرفان طلب ڪرڻ تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي، رجسٽرار، نمرتا جي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي ۽ حد جو ايس ايڇ او پيش ٿيا، تڪراري ۽ آئيني دائره ڪار کان ٻاهر پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪرڻ تي نمرتا جي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي امرتا کي باقاعده جاچ ۾ شامل ڪرڻ جا امڪان، ذريعن موجب سيشن جج نمرتا جي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي امرتا کي تڪراري رپورٽون جاري ڪرڻ تي ڇنڊ پٽي آهي. ان سلسلي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل نمبر ٿري مان گهوٽڪي جي ميرپور ماٿيلو جي رهواسڻ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي آخري سال جي شاگردياڻين نمرتا چنداڻي جو 16 سيپٽمبر تي لاش هٿ آيو جنهن معاملي بابت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو اقبال حسين ميتلو جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل جوڊيشل انڪوائري طرفان طلب ڪرڻ تي نمرتا جي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي امرتا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطا الرحمان، رجسٽرار پروفيسر شاهده شيخ ۽ حد جي رحمت پور ٿاڻي جو ايس ايڇ او آغا اسد پٺاڻ پيش ٿيا. ذريعن موجب سيشن جج نمرتا جي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي امرتا جي جاري ڪيل حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ تي کيس سخت ڇنڊپٽيندي چيو ته اوهان ڪنهن جي اثر رسوخ تي هي رپورٽ ٺاهي آهي؟ ان جي جاچ ٿيندي اوهان جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ پرويزنل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ حتمي پوسٽ مارٽم ۾ واضع فرق ڇو آهي؟ اوهان پوليس کان موت جو ڪارڻ پڇا ڪئي هئي؟ اوهان رپورٽ ۾ ڳلو دٻائڻ ۽ جنسي عمل جي تصديق ڪهڙن اختيارن جي بنياد تي ڪئي آهي؟ ان موقعي تي وضاحت ڏيندي ڊاڪٽر امرتا چيو ته آءُ جونيئر آهيان، مون کي هي پوسٽ مارٽم رپورٽ نه ڪرڻ گهرجي ها منهنجي ميڊيڪو ليگل آفيسر طور مقرري جنهن شام تي ٿي ان ئي شام نمرتا ڪيس مون کي ڏنو ويو جنهن تي سيشن جج چيو ته اوهان هي اعتراض لکت ۾ ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ يا سنڌ حڪومت کي ڇو نه ڏنا؟ اوهان جي هِن رپورٽ تي جاچ ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر امرتا کي يونيورسٽي طرفان مڪمل طور سهڪار جي لاءِ فارنزڪ ماهر، گائناڪولاجسٽ ۽ پيٿالاجسٽ پوسٽ مارٽم جي لاءِ فراهم ڪيا ويا هئا.

”نمرتا جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪريو ”حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي سراپا احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي سول سوسائٽي، ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جي اصل قاتلن جي گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو اسلام آباد تائين وڌائڻ جو چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته ڊي اين اي ٽيسٽ جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ اهو ظاهر ٿي  ويو آهي ته نمرتا کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري قاتلن کي لڪائڻ جي ڏوهه ۾ چانڊيا ميڊيڪل ڪاليج جي وي سي کان رجسٽرار تائين سمورن ذميوارن کي فوري طور تي معطل ڪري اصل قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. سول سوسائٽي جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي. جتي سول سوسائٽي جا اڳواڻ پنهل ساريو، ذوالفقار هاليپوٽو، ڊاڪٽر دودو مهيري، مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻيا ويٺا. صحافين سان ڳالهائيندي نامياري ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته سنڌ ۾ هندو قوم سان ٿيندڙ ظلم بند ڪيو وڃي ۽ نمرتا ڪماري جي خون سان انصاف ڪري قتل ۾ ملوث اصل لڪل چهرا سامهون آڻي انهن کي سخت سزا ڏني وڃي. سول سوسائٽي اڳواڻ پنهل ساريو چيو ته اسين سنڌ جي هندن سان هر محاذ تي گڏ آهيون، سنڌ ۾ رهندڙ هندو پاڻ کي اڪيلا نه سمجهن، نمرتا ڪماري جي قتل جي قانون مطابق جاچ ڪرائي اصل قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاهي ڏني وڃي. هنن چيوته سنڌ حڪومت وي سي سان گڏجي ڪيس کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هنن چيو ته جن ماڻهن نمرتا جي قتل کي خودڪشي قرار ڏنو هو انهن ماڻهن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ته جيئن سڀ حقيقتون سامهون اچي سگهن. ذوالفقار قادري چيو ته نمرتا جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ڪراچي کان ڪشمور تائين احتجاج جاري آهي، پر يونيورسٽي انتظاميا قاتلن کي لڪائي رهي آهي. هن چيو ته نمرتا جي قاتلن بابت يونيورسٽي انتظاميا کي خبر آهي، اها به قتل ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي، ڊي اين اي ٽيسٽ جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته نمرتا کي قتل ڪيو ويو آهي، قاتلن کي ظاهر ڪيو وڃي. سماجي اڳواڻ مصطفيٰ ميراڻي چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين جون عزتون ۽ زندگيون محفوظ ناهن رهيون، نمرتا کي هڪ سازش تحت قتل ڪيو ويو، قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. مظاهري ۾ اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن نمرتا جي اصل قاتلن کي ظاهر نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو اسلام آباد تائين وڌايو ويندو. هوڏانهن نمرتا آڏواڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايڊووڪيٽ صوبيه ڀٽي، ايڊووڪيٽ کيت ڪمار، ايڊووڪيٽ رياض چانڊيو، ايڊووڪيٽ اسد علي مري، ڪيلاش ڪمار جي اڳواڻي ۾ وڪيلن پڻ مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته نمرتا هڪ معصوم ڪيفيت واري شاگردياڻي هئي، جنهن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، نمرتا جي قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ يونيوسٽي جو وي سي به ملوث آهي، کيس فوري طور تي برطرف ڪيو وڃي.410630

نمرتا ڪيس ۾ 43 ڄڻن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا، مهراڻ ابڙو ۽ علي شان ميمڻ پوليس حراست ۾

لاڙڪاڻو: واضع رهي ته نمرتا جڊيشل انڪوائري جي  حوالي سان هن وقت تائين شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، رجسٽرار، اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر امر لال گربخشاڻي، هاسٽل پرووسٽ عدنان قريشي، سندس گهر واري لبنيٰ قريشي، ڪلارڪ، چوڪيدار، ڊرائيور، آيا، نمرتا جي ٻن ڪلاس فيلوز مهراڻ ابڙو، علي شان ميمڻ سميت 43 ڄڻن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن جڏهن ته نمرتا جا ڪلاس فيلوز مهراڻ ابڙو ۽ علي شان ميمڻ پڻ اڃان تائين پوليس حراست ۾ آهن. هوڏانهن جڊيشل انڪوائري آفيسر سيشن جج وٽ پيش ٿيڻ بعد وائيس چانسلر، رجسٽرار، ڊاڪٽرياڻي امرتا ۽ ايس ايڇ او روانا ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.