ڪرتارپور راهداري جو افتتاح، پاڪستان سکن لاءِ سرحد کولي ڇڏي

ڪرتارپور (م ڊ) وزيراعظم عمران خان سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي بين المذاهب هم  آهنگي جي جذبي جي عڪاس ڪرتارپور لنگهه جي بي مثال منصوبي جو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه، ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير ڪيپٽن (ر) امريندر سنگهه ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو سميت ڀارت سميت سڄي دنيا مان بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪرتارپور آيل سک ياترين جو وڏو انگ پڻ ان موقعي تي موجود هو جن فراخدلي واري  انداز ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ دعائون ڪيون.

ڪرتارپور(م ڊ+ اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي  ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي مسئلو ڪشمير جو آهي، ڪشمير جو تڪرار حل ٿيڻ سان سڄو ننڍو کنڊ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو ۽ امن سان ڪروڙين ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو، هي رڳو زمين جو معاملو نه آهي پر انسانيت جو مسئلو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انسانن سان جانورن وانگر سلوڪ ڪيو پيو وڃي، خوشي آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ سان سکن جي دل خوشي سان ڀريل آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ڪرتارپور لنگهه جو باضابطا افتتاح ڪرڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين سالگرهه تي سموري سک برادري کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن کي ڪرتارپور اچڻ تي ڀليڪار چيو. وزيراعظم انتهائي گهٽ عرصي يعني 10 مهينن ۾ ڪرتارپور جو سڄو ڪمپليڪس ۽ پل تعمير ڪرڻ تي ايف ڊبليو او سميت سمورن عملدارن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي مسئلو ڪشمير جو آهي جيڪڏهن اهو مسئلو حل ٿي ويو ته پورو ننڍو کنڊ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهي ٿو ۽ ننڍي کنڊ جي ڪروڙين ماڻهن جو ڀلو ٿيندو. هن چيو ته اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه کي چيو هو ته جيڪڏهن ڪشمير مسئلو حل ٿي وڃي ته پورو ننڍو کنڊ ترقي جي لحاظ کان تمام اڳتي وڃي سگهي ٿو ۽ اها ئي ڳالهه مون وزارت عظميٰ جون ذميواريون سنڀاليندي ئي پنهنجي ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي چئي هئي ۽ کيس ڳالهين جي دعوت ڏني. پر اڄ ڪشمير مسئلو علائقائي مسئلي کان به اڳتي نڪري ويو آهي. 9 لک ڀارتي فورسز 80 لک کان وڌيڪ ڪشميرين کي يرغمال بڻايو آهي. عمران خان چيو ته اهو رڳو زمين جو معاملو نه آهي انسانيت جو مسئلو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انسانن سان جانورن وانگر سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ ان مسئلي سان اسان جا لاڳاپا رڪجي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته مودي جي لاءِ اهو پيغام آهي ته انصاف سان امن ۽ ناانصافي سان انتشار پکڙجي ٿو. ڀارتي وزيراعظم ڪشمير مسئلو حل ڪري ننڍي کنڊ کي خوشحالي ۽ ترقي ڏياري سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن سرحدون کلي وڃن ٿيون، واپاري ۽ اقتصادي سرگرميون شروع ٿي وڃن ٿيون ته سوچي وٺو ته ان سان خطي ۾ ڪيتري خوشحالي ايندي. وزيراعظم چيو ته فرانس ۽ جرمني ڪيتريون جنگيون وڙهيون پر اڄ انهن جا لاڳاپا بحال آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام خوشحال ۽ سرحدون کليل آهن ۽ جڏهن ڪشمير جي عوام کي پنهنجا حق ملي ويندا ته هن خطي ۾ پڻ خوشحالي ايندي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ رب العالمين آهي، سمورن انسانن جي لاءِ، اسان جو پيغمبر حضرت محمد صه پڻ رحمت اللعالمين آهن. جيڪي به پيغمبر هن دنيا ۾ آيا انهن انسانيت ۽ انصاف جو درس ڏنو ۽ اهي ٻه شيون انساني معاشري کي جانورن کان جدا ڪن ٿيون. هن چيو ته بابا گرو نانڪ گروجي جي فلسفي ۾ به اهي ٻه شيون نظر اچن ٿيون. گرو نانڪ به انسانيت، انصاف ۽ رواداري جو درس ڏنو. ننڍي کنڊ ۾ عظيم صوفي بزرگ بابا فريد نظام الدين اولياءَ ۽ معين الدين چشتي گذريا آهن. انهن به انسانيت ۽ انصاف جو درس ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته مون کي ڪرتارپور جي اهميت جو اندازو نه هو. مون کي هڪ سال اڳ اها خبر پئي ته سکن جي لاءِ ڪرتار ائين ئي آهي جيئن مسلمان مديني کي چار ڪلوميٽر کان ڏسي ته سگهن ٿا پر وڃي نه ٿا سگهن. وزيراعظم چيو ته ليڊر اهو هوندو آهي جيڪو نفرت پکيڙڻ بدران ماڻهن کي متحد ڪري، الله جا سمورا پيغمبر ليڊر هئا ۽ ليڊر سدائين انسانن کي گڏ ڪري ٿو نفرتون ناهي پکيڙيندو. هن چيو ته نيلسن منڊيلا پنهنجي جدوجهد ذريعي نفرتن کي ختم ۽ قوم کي متحد ڪيو. هن 27 سال جيل ۾ گذارڻ جي باوجود مخالفن کي معاف ڪري ڇڏيو. اسان جي رسول پاڪ صه به محبت ذريعي پنهنجو پيغام پکيڙيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.